لمس ۾ آمريڪا جي سهڪار سان انٽرپرينيورشپ پراجيڪٽ جو افتتاح

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ آمريڪا جي ڊپٽي چيف آف مشن اينڊيو شوفر آمريڪي فنڊ سان هلندڙ انٽرپرينيورشپ پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي اينڊريو شوفر چيو ته مان لاهور يونيورسٽي آف مينيجمينٽ سائنسز (لمس) ۾ پنهنجو پراجيڪٽ ”تابير“ لانچ ڪرڻ تي فخر محسوس ڪيان ٿو.
هن چيو ته هن پراجيڪٽ سان سڄي پنجاب جي يونيورسٽين ۾ 15 بزنس انڪيوبيشن سينٽرن کي مدد فراهم ڪئي ويندي، آمريڪا ان مقصد لاءِ تقريبن اڌ ملين ڊالر فراهم ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو اسان اميد ڪيون ٿا ته انهن سينيٽرن سان ڀائيواري تحت نه رڳو پنجاب پر سڄِ پاڪستان ۾ مقامي ڪاروباري برادري کي سڌي ريت فائدو پهچندو.
ڊپٽي چيف آف مشن اينڊيو شوفر چيو مان لمس جي قيادت، خاص طور پرووسٽ ڊاڪٽر طارق جدون ۽ سندس ٽيم جا ٿورا مڃان ٿو، جنهن شروع کان ئي ان منصوبي ۾ آمريڪي حڪومت سان سهڪار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.