”ضياءُ الحق کي صدر نٿو مڃان، هن عدالت ۾ کيس ٻيهر صدر نه چئجو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ضياءُ الحق کي صدر نٿو مڃان، اڳتي هن عدالت ۾ ٻيهر کيس صدر نه چئجو.
سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اعجاز الحق جي وڪيل چيو ته هن نظرثاني واپس وٺڻ جو نه چيو آهي، رڳو نالو فيصلي مان ڪاٽيو وڃي.
ان تي چيف جسٽس چيو ته اعجاز الحق هڪ آرمي چيف ضياءُ الحق جو پٽ آهي.
اعجاز الحق جي وڪيل چيو ته سندس اصيل جو پيءُ پاڪستان جو صدر هو، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ضياءُ الحق کي صدر نٿو مڃان، بندوق جي نوڪ تي ڪو صدر ناهي بڻجي ويندو، اڳتي هن عدالت ۾ ضياءَ کي ٻيهر صدر نه چئجو.
وڪيل چيو آئين ۾ داخل آهي ته ضياءُ الحق صدر هو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ضياءُ الحق اڪيلو شخص آهي، جنهن جو نالو آئين ۾ لکيل آهي، وقت جي خبر ناهي هوندي پر ضياءَ لکرايو ته هو صدر آهي، هن جا 5 سال ته پورا نه ٿيا هئا ته ڇا آئين جي ڀڃڪڙي ٿي هئي؟
اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 18هين ترميم ۾ ضياءُ الحق جو نالو آئين مان ڪڍيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.