اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيلون بحال ڪرڻ جو لکت وارو حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب 16 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو، عدالت حڪم ۾ لکيو ته نواز شريف جي اپيلن کي بحال ڪرڻ جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي، نواز شريف جي اپيلن جي ٻڌڻي ميرٽ تي ٿيندي. فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته نيب طرفان درخواستن جي مخالفت نه ڪرڻ سبب اپيلن جي بحالي جون درخواستون منظورڪيون ويون آهن، نيب بيان ڏنو ته هو نواز شريف کي گرفتار ڪرڻ نٿا چاهين، ضمانت واري درخواستن تي عمل ڪيو پيو وڃي.