ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪمپنين مان پورهيتن جي جبري نيڪالي، سرڪار پاران اعلانيل پگهار ۽ سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. ملير پريس ڪلب آڏو جي ايم سيال، مختيار سومرو، نانو ميراڻي، اختر سهتو جي اڳواڻي ۾ پورهيتن سان گڏ احتجاج ڪيو ويو. ڪوٽڙي صنعتي زون جي مُک گيٽ تي جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، خالق مهراڻ ،آصف ميراڻي، ڪاشف عباسي جي اڳواڻي ۾ ڀٽائي ڪالوني کان پيادل مارچ ڪيو ويو. ان موقعي تي جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به پورهيت سان ناانصافي ڪئي وئي ته ان فيڪٽري اڳيان احتجاج ڪيو ويندو. کھڙا ۾ جسقم پاران ڪامريڊ محمد علي اڄڻ، عدنان سومرو، نديم اسير مغل، نور سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جسقم خيرپور جي ڪارڪنن طرفان سجاد شاهه، خرم مهيسر، ڪميل ابڙو، راجا خان بليدي، ياور خان مهيسر، قلب عباس سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. گھوٽڪي ۾ جسقم ڪارڪنن حبيب الله گھوٽو، محبوب گھوٽو، ڪامريڊ وھاب سھتو،مير زمان بلو، اشفاق گھوٽو، ساجد بزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. سيري لڳ پنھورآباد اسٽاپ تي ضلعي حيدرآباد جي چيف آرگنائيزر نواب بڙدي آرگنائيزر آصف پنھور، الھڏنو منصور پنھور، محبوب خادم پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. لاڙڪاڻي ۾ جسقم مرڪزي اڳواڻ ڏاڏو اطھر سومرو، اشرف ڪلھوڙو ،عزيز شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٻانڌي شهر ۾ جسقم ضلعي نوابشاهه جي چيف آرگنائيزر شعبان ماٽي، سڪرنڊ ۾ مسعود شاھ، مورڙو ميربحر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. حيدرآباد جي ٻهراڙي تعلقي ۾ جسقم حيدرآباد ضلعي چيف آرگنائزر نواب بڙدي ،آصف پنھور جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو ڄام ۾ جسقم اڳواڻ علي محمد پنهور، سهيل ڀٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، دادو ۾ جسقم ضلعي صدر منصور جمالي، نظام انڙ ،نياز چنا جي اڳواڻي ۾ ايس، ايس پي چوڪ کان دادو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ڪراچي لياري ۾ نظام آريجو، ارشد آريجو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌ ڪوٽ شهر ۾ پيادل مارچ ڪري جسقم ڪارڪن ضلعي چيف آرگنائزر ولينو سبزوئي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تي پهچي احتجاج ڪيو ويو، ماتلي ۾ اويس خاصخيلي جي اڳواڻي ۾، دڙو شهر ۾ انور لغاري، سجاول پريس ڪلب اڳيان ضلعي اڳواڻن طفيل لغاري ، فياض گنج ايٽ پڪا چانگ پريس ڪلب تي جي ايم شاھه، صبحان جمالي، عطا شر رياض چانگ، لعل بخش شر سينگار ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ڪيو، رتو ديرو ۾ آصف اوڍو،سجاد خاصخيلي،زبير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي صنعتي زون ۾ ليبر قانون تي عمل نٿو ڪيو وڃي، ملير السنس آٽو پارٽ ڪمپني مان سئو کان مٿي پورهتن کي بيدخل ڪيو ويو آهي، پورهيتن کي سرڪار جي نوٽيفڪيشن تحت 32 هزار پگهار نٿي ڏني وڃي، فيڪٽرين ۾ ٺيڪيداري نظام لاڳو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته السنس آٽو پارٽ ڪمپني مان بيدخل ٿيل 100 کان وڌيڪ پورهيتن کي بحال ڪري، سنڌ جي سمورن صنعتي زون ۾ پورهيتن جا حق بحال ڪيا وڃن.