ميونسپل آفيسرن کي اسيمبلي ۾ گهرائي انٽرويو ورتا وڃن،ميرٽ جي خبر پئجي ويندي: راشد محمود

ٽنڊوالهيار/مٽياري/اڏيرولال/  نيوسعيدآباد (نمائندا) جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته  سنڌ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن، ڪچي ۾ ڌاڙيل راڄ ۽پڪي تي غنڊا راڄ آھي، نيوسعيدآباد  مان گذرڻ دوران ميڊيا سان مختصر ڳالھ ٻولھ ڪندي هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي شعور اچي چڪو آھي ن کان اڳ امن مارچ ريلي جو جي يو آئي جي مقامي عھديدارن مولانا شيراز ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، ابرار راھو، حافظ باسط ميمڻ ء ٻين شاندار استقبال ڪيو،هوڏانهن جي يو آءِ جو سنڌ امن مارچ مٽياري ضلعي جي حدن ۾ پھچي ويو شاھپور درپور . اڏيرو لال اسٽيشن . اڏيرو لال وليج . بائو خان پٺاڻ . کيبر ۾ شاندار استقبال استقبالي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي  راشد محمود سومرو جو چوڻ ھو ته پيپلز پارٽي پوئين 15 سالن کان سنڌ کي لٽي ڦري تباھ ڪري ڇڏيو آھي ھر اداري ۾ رشوت ۽ سفارش سبب نوجوان مايوس آھن سنڌ جا ٻيٽ،زمينون ڌارين حوالي ڪيون پيون وڃن،  هن چيو ته اسان پڇڻ ٿا چاھيون ته شھيد بشير خان قريشي ۽ شھيد خالد محمود سومرو جي قتل جو اسان سان انصاف ڇو نه ٿيو آھي ان کان اڳ ٽنڊي الهيار ۾  جلسي کي خطاب ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته هي اسان جي احتجاجي جلسو آهي، جنھن سان ڀوتارن جون ننڍون حرام ٿي چڪيون آهن. اسان 9 ڏينهن کان امن جو پيغام ڏيئي رهيا آهيون ۽ امن گهري رهيا آهيون. سنڌ جي عوام امن مارچ کي ڀرپور موٽ ڏني آهي، هن چيو ته ٽنڊوالهيار کي ذاتي جاگير سمجهي سنڌ لٽيندڙن کي چوان ٿو ته جي يو آءِ سنڌ کي لٽيندڙن کان آزاد ڪرائيندي. اڃان 33 پاس اميدوارن جا مسئلا حل نه ٿيا ته پبلڪ سروس ڪميشن نوڪريون ڪروڙين روپين ۾ کپائي ڇڏيون. آئون مطالبو ٿو ڪريان ته انهن ڪامياب اميدوارن کي اسيمبلي ۾ گهرايو وڃي ۽ انهن کان ميڊيا جي سامهون انٽرويو ورتا وڃن ته سڄي خبر پئجي ويندي ته ڪھڙي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته سنڌ ۾  آئيس وڪڻندڙ ڪير آهن، ڪوڪين ڪير وڪڻندڙ آهي ۽ انهن کان ڀتو وٺندڙ ڪير آهن. هن چيو ته بحريا ٽائون جي زمين هڪ رپئي ۾ هڪ اسڪوائر فٽ کپايو ويو جيڪا 10 هزار روپين جي حساب سان ۾ سنڌ جي ماڻهن کي وڪرو ڪئي ويئي. ٽنڊوالهيار مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي اربين روپيا رائلٽي ڪيڏانهن پئي وڃي، فاطمه ڦرڙو جو ڪيس وڙهون پيا هن چيو ته گٽر ۾ فوت ٿيندڙ ٻارڙن جو واقعو هتان جي انتظاميا جي منھن تي تي چماٽ آهي. 1ارب 39 ڪروڙ 25 لک 80 روپيا ٽنڊوالهيار جي پوليس جي هڪ سال جي بجيٽ آهي پر ٽنڊوالهيار ۾ امن امان نه ٿي سگهيو آهي ، هنن کان عوام گلي کان جهلي پڇي ته بجيٽ ڪيڏانهن پيا ڪريو. ٽنڊوالهيار جو ايمرجنسي وارڊ ريفر سينٽر آهي صحت جون سهولتون نه آهن ورلڊ بئنڪ کان ٽنڊوالهيار لاءِ 2 ارب روپيا قرض ورتا ويا گهر ٺهرائڻ لاءِ، پر اھي گهر ڪٿي آھن؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.