سنڌ هاءِ ڪورٽ آغا سراج دراني کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ آغا سراج دراني کي  شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيوآهي. آغا سراج دراني سنڌ هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت منظور ٿيڻ بعد نيب عدالت آڏو سرينڊر نه ڪيو هو. جسٽس ظفر راجپوت رمارڪس ۾ چيو ته عدالتي حڪم باوجود آغا سراج دراني پاڻ کي نيب عدالت آڏو سرينڊر ڇو نه ڪيو؟ پهرين توهان ان ڳالهه جو جواب ڏيو پوءِ ضمانت جو فيصلو ڪيو ويندو.عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کان 8 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي .سنڌ هاءِ ڪورٽ 30 نومبر 2022ع آغا سراج دراني کي حفاظتي ضمانت ڏني هئي ۽ حڪم ڏنو هو ته احتساب عدالت ۾ سرينڊر ڪيو وڃي .

گيس جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي آهي: شيري رحمان

اسلام آباد ( م ڊ) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان گئس جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. اسلام آباد مان پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هو گئس جي اگهن ۾ واڌ جي مذمت ڪن ٿا. شيري رحمان چيو ته فيڪس چارجز 10 رپين مان وڌائي 400 رپيا ڪيا ويا آهن. گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي اگهن ۾ به 172 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. شيري رحمان چيو ته نگران حڪومت کي هاڻ مهانگائي ۾ عوام تي ايترو بار نه وجهڻ گهرجي ها. نگران وزير گهريلو صارفين لاءِ 16 ڪلاڪ گيس لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جڏهن واهپيدارن کي گئس جي دستيابي ناهي ته قيمتن ۾ واڌ ڇو؟ شيري رحمان چيو ته بهتر آهي ته اهي فيصلا چونڊيل حڪومت تي ڇڏي وڃن. پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿيڻ گهرجي ها جيڪا نظر نٿي اچي. پ پ اڳواڻ چيو ته نگران حڪومت عوام لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا نه ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.