ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي اطلاعات واري وزير جان محمد اچڪزئي چيو آهي ته اڄ کان غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي فارن ايڪٽ تحت گرفتار ڪري هولڊنگ سينٽرن ۾ رکيو ويندو.ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته 30 هزار افغان مهاجر بلوچستان مان رضاڪارانه طور افغانستان ويا آهن، جڏهن ته پهرين نومبر کان باقي غير قانوني رهندڙن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو.هن چيو ته پهرين نومبر کان غيرقانوني رهندڙن خلاف فارنرز ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ کان علاوه انهن جون ملڪيتون سيل ۽ ضبط ڪيون وينديون.مڪران ڊويزن يا بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ ايراني باشندن خلاف به اهڙي ئي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کين واپس سندن ملڪ موڪليو ويندو.