اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن غير دستاويزي پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر فار ريفيوجيز (يو اين ايڇ سي آر) تي زور ڏنو آهي ته هو افغان پناهگيرن جي تحفظ کي يقيني بڻائي.پاڪستان ۾ 20 لک کان وڌيڪ غير دستاويزي افغان باشندا رهن ٿا، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فلپو گرانڊي کي اڄ هڪ خط ۾ ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن حنا جيلاني چيو آهي ته افغان پناهگيرن کي بي دخل ڪرڻ سان انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته انساني حقن جي تنظيمن پاران تنقيد جي باوجود حڪومت طرفان فيصلي تي نظرثاني جو ڪو به نشان نظر نه پيو اچي ۽ اهو ان حد تائين هليو ويو آهي جو سول سوسائٽي جي ميمبرن کي ان معاملي تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ايڇ آر سي پي تسليم ڪري ٿي ته حڪومت کي غير قانوني طور تي ملڪ ۾ رهندڙ غير ملڪي شهرين جي هڪ ننڍڙي تعداد جي حوالي سان سيڪيورٽي خدشا ٿي سگهن ٿا، اسان سمجهون ٿا ته انسانيت جي خدشات کي سيڪيورٽي مفادن کان وڌيڪ هجڻ گهرجي، هن چيو ته هڪ اڻ چونڊيل حڪومت کي اهڙو فيصلو ڪرڻ جو اختيار ناهي