ڊيڊلائن ختم، ٽنڊي محمد خان ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغانين خلاف انتظاميا حرڪت ۾ نه آئي

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ : اويس حيدر شورو  ) ٽنڊو محمد خان ۾ ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني طور آباد ٿيل افغانين کي نگران سرڪار طرفان نيڪالي لاءِ ڏنل ڊيڍ لائين جي ختم ٿيڻ باوجود پوليس ۽ روينيو جي  عملدارن نيڪالي لاءِ ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي آهي نه وري ٽنڊو محمد خان ۾ افغانين جي آباد هجڻ بابت ڪا به لسٽ جاري  ڪئي ويئي آهي ، جنهن جي ڪري غيرقانوني طور رهائش پذير افغانين کي علائقي ۾ انتظاميا جي لاپرواهي جي ڪري تحفظ فراهم ٿي رهيو آهي ، ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ۽ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان طرفان سنڌ سرڪار جي ڏنل احڪاماتن تحت علائقي ۾ افغانين جي موجودگي جي جانچ ڪرڻ ۾ ڪا به نشاندهي ظاهر نه ڪئي ويئي آهي نه وري ٽنڊو محمد خان مان افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ انتظاميه ڪئمپن قائم ڪرڻ جو به قدم نه کنيو آهي ، ڊي ايس پي محمد خان زئور ٻڌايو آهي ته نگران سرڪار طرفان ڏنل حڪم تحت ايس ايس پي جي حڪم تحت ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون هنيون جنهن جي رپورٽ ايس ايس پي کي ڏني ويئي آهي ، ظاهري طور علائقي ۾ ڪو به افغاني آباد نظر نه اچي رهيو آهي پر ڪوڙي سڃاڻپ ڪارڊ يا ڊوميسائيل ، پي آر سي تحت علائقي ۾ مستقل آباد آهي ته ان جي نادرا ذريعي جانچ وارو ڪم سنڌ سرڪار اعلى سطح تي ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري جيڪا به لسٽ نادرا کان ظاهر ڪئي ويندي ان ۾ ڪو به ٽنڊو محمد خان اندر افغاني ظاهر ٿيو ته ان کي نيڪالي ڏيڻ ۾ دير نه ڪئي ويندي ، هوڏانهن  جسقم بشير قريشي گروپ جي ظهور هاليپوٽو ، ترقي پسند پارٽي جي اقبال حاجاڻو ، جيئي سنڌ محاذ جي اصغر نوناري ، قومي عوامي تحريڪ جي ونود ڪمار ۽ ٻين اڳواڻن علائقي جي اندر افغاني پٺاڻن جي رهائش جو انتظاميه طرفان ڪو به نوٽيس نه وٺڻ تي انتظاميه جي غفلت نااهلي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته ٽنڊو محمد خان ۾ غيرقانوني طور آيل افغاني شهري آبادي سان گڏ ننڍن وڏن شهرن ، ڳوٺن ۾ روزگار لاءِ دڪانن ، هوٽلن ذريعي ڪاروبار ڪري رهيا آهن ،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.