حيدرآباد(پ ر) 31 مارچ ملهائڻ جي ڏوهه ۾ لڳل بغاوت جي ڪيس مان ضمانت منظور ٿيندَڙ جساف اڳواڻَن ساٿين سميت شهيد سخي ستارڏنو چولياڻي هائوس پهچي، چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو سان ملاقات ڪَئي.ان موقعي تي رياض علي چانڊيو چيو ته حڪومت افغانين کي ڪڍڻ واري پنهنجي 31 آڪٽوبر واري مهلت جي باوجود به افغانين کي سنڌ مان ڪڍڻ لاءِ ڪو خاص قدم ڪونه پئي کَڻي. جنهن جي مذمت ڪيون ٿا،هن چيو ته غريب سنڌ کان اڄ ساڍا 4 ارب رپيا ورتا ويا آهن. 1979ع کان وٺي هن وقت تائين حڪمرانن لکين افغاني سنڌ ۾ رهايا جن جو تعداد 40 لک آهي ۽ حڪمرانن طرفان پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ افغانين کي ڪڍڻ جيتري سنجيدگي ڏيکاري وئي آهي اوتري ئي غير سنجيدگي سنڌ ۾ ڏيکاري پئي وڃي. سنڌ جتي 40 لک افغاني رهن ٿا انهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ٿا ورتا وَڃن. جنهن جي مزمت ڪيون ٿا هن چيو ته حڪمرانن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 3 لک افغاني آهن جَڏهن ته سنڌ ۾ 40 لک افغاني آهي.