آمريڪا افغانين کي نيڪالي بدران شهريت ۽ تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور (عوامي آواز نيوز) غير قانوني طور آباد پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ ڏنل مهلت ختم ٿيڻ بعد آمريڪا افغانين کي نيڪالي نه ڏيڻ لاءِ پاڪستان حڪومت تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي. نامياري  صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته ذريعن  کان ڄاڻ ملي آهي ته آمريڪا  35  هزار افغانين جي فهرست  پاڪستان حڪومت حوالي ڪئي آهي ته انهن کي نيڪالي نه ڏني وڃي پر انهن کي شهريت ڏئي انهن جو تحفظ ڪيو وڃي، آمريڪا جي اهڙي مطالبي کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ۾ ٿرٿلو پئجي  ويو آهي. هڪ طرف غير ملڪين کي پاڪستان ڇڏڻ  لاءِ ڏنل مهلت ختم ٿي وئي آهي. ٻئي طرف آمريڪا اهڙي  مرحلي تي افغانين کي پنهنجو اثاثو قرار ڏئي انهن کي شهريت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن آءِ ايم ايف سان قرض جي قسط لاءِ ڳالهيون ٿيڻ واريون آهن، اهڙي موقعي تي سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻ جو وقت آهي. ڏسڻو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ آمريڪي مطالبي جي موٽ ۾ ڪهڙو موقف اختيار ڪري ٿي. ڇو ته جيڪڏهن آمريڪا کي انڪار  ڪيو ويو ته پوءِ آءِ ايم ايف کان ملندڙ قرض  جي قسط رولڙي جو شڪار ٿي سگهي ٿي. ان سان گڏ پرڏيهين جي نيڪالي وارو فيصلو به متاثر ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.