حيدرآباد (پ ر) غيرقانوني غيرملڪين جي نيڪالي جي مهلت جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن پر سنڌ ۾ موجود غيرملڪي اڃا به موجن ۾ آهن، انهن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ وفاق توڙي سنڌ سرڪار ڪک ڀڃي ٻيڻو به ناهي ڪيو. غيرقانوني غيرملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ واري معاملي تي وفاقي حڪومت جو سنڌ سان ٻٽو معيار مذمت جوڳو عمل آهي. غيرقانوني غيرملڪين جي نيڪالي لاءِ فقط لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ ڪريڪ ڊائون هلندڙ آهي، انھن جا اسڪول بند ڪيا ويا آھن، افغان بستيون ڊاٺيون ويون آھن، ڪاروبار بند ڪيو ويو آھي باقي سنڌ ۾ غيرملڪي اسمگلرن جو تحفظ ڪيو پيو وڃي. ڇا وفاق سنڌ کي ملڪ جو حصونٿو سمجھي جو وفاقي سرڪار سنڌين مٿان غيرملڪين کي مسلط ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽي ,قادر ڀٽي ۽ ايڊووڪيٽ نجيب مھيسر پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي. اڳواڻن چيو آهي ته پشاور ۾ غيرقانوني غيرملڪين جون ملڪيتون ضبط ڪيون پيون وڃن پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ بااثر ڌرين جي سھولتڪاري ۾ غيرقانوني غيرملڪين کي سنڌ جا جعلي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائي ڏنا ويا آهن.