اسلام آ باد ( م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته افغانين کي بليڪ ميل ڪري سندن ملڪيتن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. خابرو اداري موجب افغان پناهگيرن جي واپسي لاءِ ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ واري معاملي تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته افغان پناهگير ٻه طرفو مسئلو آهي، ان معاملي تي افغانين سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. افغان حڪومت کي اعتماد ۾ وٺي انهن جي واپسي جو طريقو طئي ڪيو وڃي. مولانا فضل الرحمان چيو ته غير قانوني رهندڙ جي آڙ ۾ قانوني طور رهند افغانين کي به بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، مقامي انتظاميا ۽ بااثر ماڻهو قانوني طريقي سان رهندڙ افغانين کي بليڪ ميل ڪرڻ ۾ مصروف آهن، سندن ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ظالماڻو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اهڙن قدمن سان پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپن تي ناڪاري اثر پوندا، ٻه طرفي ڳالهين ذريعي معاملي کي سنجيدگي سان حل ڪيو وڃي.