افغانين سميت غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي واپس موڪليو وڃي: اياز لطيف

حيدرآباد  ( رپورٽر )  قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته افغانين سميت غير قانوني  طور رهندڙ پرڏيهين کي واپس موڪليو وڃي، گئس جي وڌايل قيمتن کي رد ڪريون ٿا. اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ مان نڪرندڙ گئس سڄو ملڪ استعمال ڪري ٿو پر سنڌ جون ٻھراڙيون ۽ ڪيترائي شھر گئس جي بنيادي سھولتن کان محروم ڪيا ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي جن علائقن مان گئس نڪري ٿي، اتان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن کي مفت گئس فراھم ڪئي وڃي. ۽ صاف پاڻي، روڊ، صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراھم ڪيون وڃن.  ۽ گئس جون وڌايل ناجائز قيمتون واپس ورتيون وڃن.  اياز لطيف پليجي چيو ته غير قانوني افغانين سميت سمورا غير قانوني پرڏيھي ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آھن، کين نيڪالي ڏيڻ لاءِ سخت آپريشن ڪيو وڃي. اياز لطيف وڌيڪ چيو ته نادرا جي ڪرپٽ عملدارن ۽ بلدياتي نمائندن رشوت وٺي غير قانوني رھائشي سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا ڪاغذ ٺاھي ڏنا آھن، انھن ملوث ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.