لاهور (عوامي آواز نيوز) نواز شريف سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف اليڪشني اتحاد جوڙڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. نامياري صحافي گوهر بٽ موجب نواز شريف پارٽي جي اهم ۽ سينيئر اڳواڻن سان ملاقات ۾ کين پيپلز پارٽيءَ خلاف بيان بازيءَ کان به روڪي ڇڏيو آهي، ڇو ته نواز شريف تي دٻاءُ هو ته پيپلز پارٽيءَ وارا (ن) ليگ ۽ اوهان خلاف سخت بيان ڏئي رهيا آهن، جن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي، پر نواز شريف کين بيان ڏيڻ کان سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي آهي.