حيدرآباد/ هوسڙي (رپورٽر) جاگيردارن ۽ بااثر زميندارن جي خانگي جيلن ۾ قيد هارين ۽ مزدورن جي بازيابي ۽ حقن لاءِ سگهارو آواز عالمي ايوارڊ يافته سياسي، سماجي، هاري ۽ مزدور عورت اڳواڻ ڪامريڊ ويرو ڪولهڻ لاڏاڻو ڪري وئي. ويرو ڪولهڻ لطيف آباد ٻهراڙي جي نيو علي اصغر آباد ڪالوني لڳ ڪولهي پاڙي ۾ بيماري وگهي دم ڏنو، سندس مڙهه آخري رسمن لاءِ اباڻي شهر جهڏو نيو ويو. ويرو ڪولهڻ جدوجهد ذريعي وڏيرن ۽ ڪامورن جي خانگي جيلن ۾ قيد ڪيترن ئي مسڪين هاري بازياب ڪرايا، هن 2018 واري عام چونڊن دوران حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار سامهون اليڪشن وڙهي. انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي مڃتا طور ويرو ڪولھڻ کي 2009 ۾ آمريڪي اداري پاران عالمي ايوارڊ سان نوازيو ويو جڏهن ته پاڪستان ۾ صدارتي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. ويرو ڪولهي ٻن ڪمرن جي ننڍڙي گهر ۾ رهندي هئي، ويرو ڪولهڻ کي سماجي ڪم ڪرڻ تي ڪامريڊ جو لقب ڏنو ويو، کيس ڪيترائي ڀيرا انساني حقن جي تنظيمن پاران مختلف ايوارڊ ڏنا ويا، هوءَ ڪيترائي ڀيرا جيلن ۾ وئي ۽ ٿاڻن جي عذابن کي منهن ڏنو، ويرو ڪولهڻ آخر دم تائين غريبن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي رهي. ويرو ڪولھڻ آمريڪا، چين، اٽلي، دبئي، ڪوريا، ھانگ سميت 17 ملڪن جو دورو پڻ ڪيو ھو. سندس لاڏاڻي تي سياسي سماجي ۽ ھندو ڌرم سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاران ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي.