تحرير: رياض ابڙو 

تحرير: رياض ابڙو 

اهڙي بدحاليءَ ۾ به اهي جرمن فوج جي اهڙين عقوبتن ۽ سختين جي باوجود پنهنجن باغي لهجن کان نه مڙيا ۽ ايتري شدت واري لڙائي کانپوءِ به اهي يهودي نسل پنهنجي ان باغي روين ۽ حرفتن ۾ مصروف رهيا، اهي باغي يهودي پنهنجي ان نفرت واري ڳالھه  تان زندگي ڀر نه لٿا ۽ ان ضد تي چڙهيا بيٺا رهيا، توڻي جو نازي ڪيمپ ۾ واڙي بند ڪري هڪ هنڌ جيل وانگي رکيا ويا هيا. جرمن فوجن جي اهڙين زورآور روين جي ڪري به اهي پنهنجن عبادتن، مذهبي رسمن به مصروف رهندا آيا ۽ گڏوگڏ انهن شدت وارن ڪمن ۾ به مصروف رهندا هيا ته جيئن جرمن فوج جي خلاف اهي ڪا منظم سازش ڪري سگهن. ۽ مسلسل اهي سلوڪ رکندا آيا، ايستائين جو سيپٽمبر 1942 ۾ نازي ڪمانڊو گروپ (جرمن فوجون) انهن يهودين جي ڪيمپن ۾ گهري حملا ڪندا رهيا. يهودين وري به اها ئي ڏاڍائي ڏيکاري ۽ انهن حملن جي نتيجي ۾ هزارين يهودي ماريا ويا پر وري جيڪي بچيا انهن جي مٿان جنوري 1943 تي حملا ڪيا ويا ۽ رهيل کهيل يهودي به ميڙي سيڙي ماريا ويا.

1923 ۾ هٽلر جيل به ويو هيو ان ڪري جو هو ”بيئرهال پُچُ“ واري احتجاج ۾ ناڪام ويو هيو پر هٽلر ۾ اهڙن جيلن، ازيتن، تحريڪن ۽ ڪوششن وڏو دم ڀريو ورتو هيو، جنهن تحت هن قانوني طرح حڪومت وٺڻ ۽ ڪرڻ جو پڪو پھ ڪري ورتو هيو. هي شخص پنهنجي 47 ورهين جي ڄمار (1898 ـ 1945) ۾ دنيا جي تاريخ لکي ويو، جنهن کي دنيا ۽ يهودي ڀرپور طريقي سان ياد به ڪندا هوندا (کڻي يهودي منفي انداز ۾ ۽ جرمن قوم مثبت انداز ۾ ياد ڪندي هوندي). هلندي هلندي هي نيشنل سوشلسٽ جرمن ورڪرز پارٽي (نازي) جو اڳواڻ به ٿي ويو ۽ 1928 تائين نازي پارٽي جا هڪ لک کان مٿي ميمبر به ٿي ويا هيا. نازي پارٽي ساڳي سال نومبر ۾ هڪ نئون آئين ”ٽريٽي آف ورسيلز“ پاس به ڪري ورتو هيو، جنهن ٺاھ ۽ قانون تحت نازي پارٽي جرمني جي ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبرن (يهودين) کي مجبور ڪيو هيو ته اهي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي شڪست جي زميواري قبول ڪن، ۽ پهرين مهاڀاري لڙائي جي مئل فوجن کي معاوضو ڀري ڏين، سرحدن جي واڌ ڪن، ۽ جرمني جي فوج جي ڇنڊڇاڻ ڪري فوج کي گهٽ ڪن، ۽ سندن ڪارڪردگي وڌائين، ۽ نازي پارٽي کي 1928 جي عام چونڊن ۾ 2.6 سيڪڙو ووٽ مليا هيا باوجود انهن حرفتن جي نازي پارٽي جرمنيءَ ۾ وڏي سوڀ ۽ اوڌ ماڻي ورتي هئي. هٽلر 1934 ۾ صدر ”هنڊن برگ“ جي مرڻ کانپوءِ صدر ۽ چانسلر جي آفيسن کي گڏي ملائي ٻنهي تي پاڻ ويهي رهيو هيو.ان سال ئي برطانيا، آمريڪا ۽ جرمني ۾ معاشي بدحالي ڪرُ کنئيو هيو جو اهي چوٽي جا ترقي يافتا ملڪ نڪ ڀر وڃي ڪريا هيا جو انهن جا تقريبن 30 سيڪڙو ماڻهو بيروزگار ٿي ويا هئا، معني رڳو جرمنيءَ ۾ 70 لک ماڻهو بيروزگاريءَ جي ڪري متاثر ٿيا هئا، جنهن جي ڪري جرمني ۾ معاشي براين، بدحالي ۽ بڇڙائي وڏي انداز ۾ وڌي وئي هئي.

ريڪسٽانگ جيڪا جرمني جي پارلياماني بلڊنگ هئي جنهن کي يهودين 27 فيبروري 1933 ۾ باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو هيو. ڇو ته يهودين جي پارٽيءَ جي هارائڻ جو خاص سبب انهن جي مقبوليت ۾ گهٽتائي به هئي، ۽ ٻيو سبب اهو به هيو ته ماڻهن ۾ يهودين جي غيرمقبوليت ۽ بيعزتي جي ڪري يهودني اهڙا باغي پڻي وارا ڪم ڪري ڏيکاريا هيا جنهن ۾ ماڻهن سان خراب رويا، خاص جرمن قوم سان ٻيائي ۽ عيسائيت سان دشمني واري رويي جي ڳالھه  به هئي. پر بدلي ۾ نازي پارٽي هنن جي باغي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو جيڪي ان ڪنسپائريسي ۽ نفرت ڦهلائڻ ۾ ملوث هيا، جنهن جي ڪري يهودين کي جيلن ۾ رکيو ويو. ان ريڪسٽانگ واري بلڊنگ کي باھ ڏيڻ واري ڏوھ ۾ جرمن پوليس هڪڙي ”ڊِچ“ قوم جي يهودي شخص ”مارينس وين دير ليوب“ کي پڪڙيو ورتو هيو ۽ ڏوهي هجڻ جي ڪري کيس جيل ۾ وجهي سزا ٻڌائي هينس، ان يهودي شخص اهو بيان ڏنو هيو ته ان قومي اسيمبليءَ جي عمارت کي هن اڪيلي سر باھ ڏني هئي. پر ائين به هيو ته آمريڪا ۽ سڌريل دنيا جي تحقيدانن به اهو ثابت ڪيو هيو ته باھ واري جاءِ تي هڪ ماڻهو جو ملڻ باھ لڳائڻ جو سبب نه ٿو ٿي سگهي.

پر هڪ وچٿري راءِ موجب اها ڳالھه  عجيب به هئي ته اها ”ريڪسٽانگ“ واري باھ ڪنهن باسي ڪو نه هئي.پر وس وارا اها ڳالھه  به سمجهن پيا ته ”وين ڊر ليوب“ اڪيلي سر ڪجھ ڪرڻ وارو به نه هيو، پر بدقسمتي سان ان رات هو اڪيلو ان جاءِ تي ڪهڙي بهاني بيٺل هيو، اهو هو پاڻ به نه باسي سگهيو ته هو پاڻ نشي جي حالت ۾ هيو ۽ پوليس جي زور آڏو ان باھ لڳائڻ واري ڳالھه  کي باسي ضرور ويو جنهن تي هن کي ڦاهي ڏئي ڇڏي هئائون. پر ”ريڪسٽانگ“ بلڊنگ واري باھ يهودين جي لاءِ باھ ٻاري ڇڏي هئي ۽ گڏوگڏ نازي سياست جا نوان سورج ضرور اڀاريا هيا، اها ٻي ڳالھه  آهي  ته ڪميونسٽ پارٽي جي هيڊ ڪوارٽر تي چڙهائي ۽ اڳواٽ اهڙن حملن وارين ڳالهين جي صداقت کان به انڪار ناهي ۽ اها ڳالھه  به آهي ته جرمن قوم ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ يهودين جي لاءِ جي نفرت جا ٻج ان باھ کان پهرين به موجود هيا، جو ان باھ يهودين جي لاءِ نازي ڪيمپ جا دروازا کولي ڇڏيا هيا جو اهي 6 ملين يهودي سڄي دنيا مان چونڊي چونڊي انهن جوڙيل نازي ڪيمپن ۾ رهائي هڪ ڌڪ ماريا ويا هئا.

جرمن فوج جي ٽئين حملي ۾ جيڪو 19 اپريل 1943 ۾ ٿيو هيو، جنهن ۾ نازي ڪيمپ ۾ رهيل سڀ جا سڀ يهودي ميڙي چونڊي گولين جو کاڄ بڻايا ويا هيا. يهودي نسل جي اها به همت هوندي هئي جو هو جرمن فوج جا رهجي ويل هٿيار چورائي جرمن فوجن جي مٿان حملا ڪندا هيا ۽ انهن هٿيارن سان کين زخمي ڪري يا مورڳو جرمن فوجن کي ماريندا به هيا، انهن باغي ويڙھ جي ڪري جرمن فوج جي ڪجھ سپاهين کي يهودين يرغمال به ڪري ورتو هيو ته جيئن اهي پنهنجي مخالفت، ضديت ۽ بغاوت واري ويڙھ ظاهر ڪري سگهن. پر جرمن فوج انهن يهودين جي سازشن کي منهن ڏئي وينديون هيون ۽ زور جي آڏو زاري جو نازي ڪيمپن کي آخر ۾ جرمني جي فوجن باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو. اها مسلسل لڙائي 27 ڏينهن تائين جاري رهندي آئي ۽ 16 مئي 1943 تي سڀ جون سڀ ڪيمپون سڙي رک ٿي ويون هيون. پوءِ نه بچيو ڪو يهودي، نه انهن جون زائفون نه ڪو مرد ويڙهاڪ، نه يهودين جو ڪو ٻار ٻچو، ڇو ته جرمن فوجن کين هڪ هڪ ڪري ڳڻي ڳڻي سڀ جا سڀ يهودي ماري وڌا هيا، ۽ ڪجهھ ساڙي ڇڏيا هين. پر آهستي آهستي ٻي مهاڀاري لڙائي تائين وري جرمنيءَ جو ڪنٽرل ٽٽندو ويو جو پولينڊ جون فوجون جولاءِ 1944 ۾ جرمني کان قبضو ڇڏائي ويون ۽ انهن کي آزادي ملي. روس جون فوجون وري زور وٺي ويون، جرمني اهڙي صورتحال ۾ ڦاسي پيو، هٽلر جون سڀ حرفتون به ناڪام ٿينديون ويون ۽ روس به جولاءِ 1945 ۾ جرمني کان جان ڇڏائي آزاد ٿي ويو. آمريڪي به 14 اپريل 1945 ۾ جرمني جي چنبي مان نڪتا، ايتري ۾ ڪجھ يهودي نازي ڪيمپن مان لڪي ڇپي جان بچائي ڀڄي ويا. 1957 تائين اهي يهودي ڦري گهري اتر آمريڪا، برطانيا ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ لڪي لڪي زندگي رهندا رهيا. انهن جي آبادي 50 هزارن مان وڌي وئي وري انهن ملڪن ۾ لکين ٿي وئي، جيڪي آهستي آهستي وري فلسطينين جي ڌرتيءَ تي اچي ڪڙڪيا. حلانڪي يهودين جا خاص يا گهڻائيءَ وارا ملڪ يورپ جا ملڪ هيا، پر انهن يهودين بجاءِ يورپ، آمريڪا، روس ۽ ٻين ملڪن ڏي وڃڻ جي بجاءِ فسلطين ڏي زور ڀريو، ۽ فلسطين کي ڪمزور سمجهي انهن کي پنهنجي وطن مان بي گهر ڪرڻ جو سوچي رهي پيا. ڇو ته هو سمجهن پيا ته ڪنهن ٻئي ملڪ جي اندر پنهنجو ملڪ اڏڻ يا دعوي ڪرڻ هن دور ۾ مشڪل ڪم آ. ان ڪري اهي فلسطينن جي پيرن هيٺان زمين کسڪائڻ ۾ آساني سمجهين ۽ سمجهين ته عربن جو ڪنهن به صورت اسرائيل، آمريڪا ۽ اينٽي اسلامڪ قوتن سان وڙهڻ جو هن صديءَ ۾ ڪو پلان ناهي ۽ عربن جو اهو وقت ويو جو ماڻهن کي هوم گرائونڊ تي به شڪست ياب ڪري پاڻ سرخور ٿي جهنڊا لهرائي ويندا هيا. پر هاڻي انهن جي فوجن يا سياست ۾ اهو دم ناهي ته اهي ڪنهن به صورت ڪا به مزاحمت ڪن يا ڪري سگهن، ڇو ته هاڻي جون ڊپلوميٽڪ سياست جون گهرجون ٻيون آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.