سرڪار گئس اگهه  وڌائي عوام جي چلھن وسائڻ جو انتظام ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت عوام جي چلھن کي وسائڻ جو سمورو انتظام ڪرڻ بعد رات وچ ۾ گئس جو اگھھ لڳ ڀڳ ٻھ سئو سيڪڙو وڌائي ڇڏيو آھي.سرڪار عوام کي دوکي ۾ رکي وفاقي ڪابينا ۾ معاملو روڪي رات جي اونداهي ۾ گئس اگهه وڌائي ڇڏيا. گئس اگهن ۾ رات دير سان واڌ  جي پڌرائي جاري ڪندي پروٽيڪيٽيڊ واهپيدارن لاءِ فڪس چارجز 10 روپين مان وڌائي 400 روپيا ڪيا ويا.جڏھن تھ نان پروٽيڪٽيڊ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي اگهن ۾ 192  سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آھي.وڌايل نوان اگهه پهرين نومبر کان لاڳو ٿي ويندا.

ملڪ ۾ ھي واحد ٻارڻ آھي،جنھن مان سموري ملڪ جو ڪاروھنوار ھلندڙ ھو پر حڪومت تازو پيٽرليم جي اگھن ۾ ڪجھھ گھٽتائي ڪري وري اھو ساڳي ريت گئس جو اگھه وڌائي عام غريب ماڻھون جي مٿان بار وجھي ڇڏيو آھي.

اھڙي فيصلي جي حمايت ۾ گئس جي ماپ ۽ ان جي استعمال بابت گھڻي ئي وچڙائيندڙ جدول ٻڌائيندي وزيرن ۽ مشيرن عام ماڻھو جي کي ھن سستي ٻارڻ کان محروم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏي آھي.جيتوڻيڪ اھو سمجھيو ٿو وڃي تھ ملڪ ۾ گئس جي گھڻا ئي ذخيرا آھن،پر ويھارو کن سالن کان سستي توانائي ھئڻ ڪري ۽ ان جي واھپي وڌڻ سان ان جو ڪارخانن ۽ گاڏين ۾ واھپو وڌايو ويو،جنھن سان وڏي پئماني تي گئس جي انھن ذخيرن تي پريشر پوڻ لڳو.جنھن ڪري ڪافي سالن کان گئس جي پڻ بجلي جيان لوڊشيدنگ جو رواج پئجي ويو.ھن وقت سموري ملڪ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ٿي رھي آھي،گھڻو ڪري رات جي وقت گئس بند ڪئي ويندي آھي يا ان کي واري واري سان ھڪ بعد ٻئي علائقي کي سپلاءِ ڏني ويندي آھي.

سموري دنيا ۾ھن وقت نعم البدل توانائي تي ڪم ٿي رھيو آھي پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اھو شعبو گھڻو نظر اندازآھي.جنھن ڪري رڳو ملڪ ۾ موجود گئس،تيل ۽ ٻين معدني ذريعن تي وقت سان گڏوگڏ دٻاءَ پوي ٿو.جنھن جو ملڪ جي قيادت وٽ ڪو بھ اھڙو حل نھ آھي.نتيجي ۾ جيڪي قدرت جا وسيلا آھن انھن کي ڪنھن جٽادار نموني ھلائڻ ۽ ان جي بدل طور ٻين ذريعن طرف غور ڪرڻ ۽ انھن مان توانائي حاصل ڪرڻ واري طور طريقي طرف ڪو بھ ڪم ٿئي ئي نھ پيو.

گذريل پنجن سالن ۾ ملڪ ۾ جيڪو مھانگائي جو طوفان آيو آھي ان عام ماڻھوءَکان ماني ڳڀو پڻ ڦري ورتو آھي.ويجھڙائي جي حڪومتن جي پاليسين ۽ اپاھج معيشت جو گھڻو بار عام ماڻھوءَ تي وڌو ويو آھي،جنھن سان مھانگائي وڌي آھي، ملڪ جي وڏي آبادي ھاڻي غربت جي مقرر ڪيل ليڪ کان بھ ھيٽ حياتيءَ گھارڻ تي مجبور ٿي وئي آھي.جيتوڻيڪ حڪومت وٽ ان جا سوين جواز ھوندا پر اھا عجيب ڳالھھ آھي تھ بجلي پيٽرول ۽ گئس جي قيمتن ۾ عام جي سھپ کان وڌيڪ اضافو ڪريو وڃي ٿو.

ملڪ جي معيشت پاڻڀري نھ آھي تھ ان جو ذميوار عام ماڻھون نھ ھئڻ گھرجي بلڪھ اھا قيادت ھئڻ گھرجي جنھن وٽ ھن ھيڏي وڏي مالدار ۽ قدرتي وسلين سان مالامال ملڪ جو واڳون رھنديون آيون آھن.ھر حڪومت  عالمي ادارن اڳيان گوڏا کوڙيندي رھي ٿي ۽ عوام جي ڏکن سورن کان بي نياز ٿي ڪري انھن جي قيمتن ۽ اگھن ۾ اضافو ڪندي رھي ٿي جنھن سان ملڪ ۾ غربت ۾ اضافي ٿي ويو آھي.

عام ماڻھو اڳي ئي مھيني جي بجيٽ ۾ ھر مھيني ٿيندڙ بگاڙ سبب پريشاني ۾ ورتل ھو مٿان وري اھڙن  فيصلن سان عوام جو جئيڻ جو باقي اتساھ پن ختم ٿي رھيو آھي.جنھن ۾ ڪنھن بھ طرح سان وري ويجھڙائي ۾ ڪنھن فرق ٿيڻ جو پڻ امڪان نظر نٿو اچي.

پاڪستان ھن وقت گھڻ طرفي مسئلن جو شڪار آھي مٿان وري انھن اسمن جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ٿو وڃي جيڪي عوام جي لاءِ ڪنھن نعمت کان گھٽ نھ ھئا،جنھن جو لازمي نتيجو اھو ئي نڪرڻو آھي تھ سماج ۾ وڏي پئماني تي بگا ڙ پيدا ٿيندو،جنھن سان سمورو توازن بگڙي ويندو.

وقت جي حڪومت جو اھو فرض ھوندو آھي تھ اھا عوام جي مسئلا حل ڪري ۽ عام ماڻھون جي زندگيءَ جو معيار بھتر ڪرڻ جي لاءِ رٿون رٿي پر ھتي تھ ھر ايندڙ حڪومت رڳو ملڪ جي وڏي اشرافيا کي فائدو ڏيندي رھي آھي ۽ عوام جي چمڙي انتي ڪاتي سان لاھيندي رھي آھي.

جيڪڏھن سوال ڪجي تھ جنھن حساب سان مھانگائي ۾ واڌ ٿي رھي آھي ان حساب سان ماڻھن جي پگھارن ۾ پڻ اضافو ڪيو وڃي تھ ان کي ملڪ جي حڪومت ۾ موجود ڪو بھ وزيرمشير ٻڌڻ يا ان ڏانھن ڌيان ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.جنھن ڪري عام ماڻھون ۽ حڪومتن جي وچ ۾ اڳي ئي موجود وڇوٽي وڌيڪ وڌي رھي آھي.جنھن جو نتيجو اھو نڪتو آھي تھ غريت وڌيڪ غريب ۽ امير وڌيڪ امير ٿي رھيو آھي.سماج ۾ عوام جي اندر ٿيندڙ اھڙي وڇوٽي سان اڳتي ھلي سوين سماجي مسئلا پيدا ٿي ويندا.پئٽرول، ڊيزل، گئس ۽ بجلي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سبب مهانگائي جو طوفان آيل آهي ۽ سياسي پارٽون ان کان لاتعلق ٿي ويون آھن.

مبصرن جو خيال آھي تھ سمورين سياسي جماعتن جو اصل مقصد رڳو اقتدار ۾رھڻ  آھي، ملڪ جي نگران حڪومت کي عالمي ادارن سان معاملا سڌا ڪرڻ جي لاءِ تھ اڳوڻي حڪومت بل منظور ڪيو پر عوام جي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ نگران سرڪار ڪا بھ عمل جوڳي حڪمت عملي نھ جوڙي آھي.

ملڪ جي اختيارين ۽واڳ ڌڻين کي انھن سوالن جا جواب ڏيڻ گھرجن تھ جڏھن عوام کان ڳاٽي ٽوڙ سڌو ۽ اڻسڌو ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو تھ پوءِ، بجلي ، پاڻي، گئس ۽ پيٽرول سستي اگھھ تي ڇو نٿو ڏئي سگھجي، جيڪڏھن قانون سڀني جا لاءِ ھڪجھڙو آھي تھ پوءِ امير غريب ۾ ايتري وڇوٽي ڇو ٿي رھي آھي ؟ماڻھو  بجلي جي لاءِ يو ايس پي ۽ سولر کان مدد حاصل ڪن ٿا، پاڻي نھ ملڻ تي ھنن کي اضافي رقم ڏئي پاڻي حاصل ڪرڻو  پوي ٿو، تعليم ۽ صحت جي لاءِ عوام کي نجي اسپتالن ۽ اسڪولن جو جو رخ ڪرڻو ٿو پوي.پوليس ھوندي ماڻھون کي نجي سيڪيورٽي جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پون ٿيون.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.