طارق جميل جي پٽ جي تدفين،سوشل ميڊيا تبصرا اذيت جو سبب بڻيل

ملتان(م ڊ)مولانا طارق جميل جي پٽ عاصم جميل جي  جنازي نماز سندس اباڻي علائقي تلمبه ۾ ادا ڪئي وئي.بعد ۾ عاصم جميل کي مقامي مسجد جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.تلمبه ۾ جنازي نماز لاءِ موجود ماڻهن کي خطاب ڪندي مولانا طارق جميل چيو ته مان انهن سڀني ڀائرن جو شڪر گذار آهيان جن منهنجي ڏک ۾ ساٿ ڏنو.هن چيو ته نوجوان پٽ جي موت جو غم انهن کي ئي معلوم آهي، جن اهو تجربو ڪيو آهي، زخم جلد نه ڀرندو.واضح رهي ته عاصم جميل گذريل ڏينهن پاڻ کي سيني ۾ گولي هڻي پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪيو هو، هو نفسياتي مسئلن جو شڪار هو ۽ ڪيترن ئي سالن کان دوا وٺي رهيو هو، هن 30 بور جي پستول سان پاڻ کي گوليون هڻي آپگهات ڪيو، جڏهن ته سوشل ميڊيا تبصرا طارق جميل جي خاندان لاءِ اذيت جوسبب بڻجي ويا آهن،هوڏانهن يوسف جميل چيو ته منهنجي ڀاءُ عاصم جميل جي قتل جي خبر ۾ ڪا به صداقت ناهي، هو ننڍپڻ کان شديد ڊپريشن جو شڪار هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.