گڏيل قومون (م ڊ) گڏيل قومن چيو آهي ته گذريل ڏينهن 29 آڪٽوبر تي 30 کان وڌيڪ ٽرڪون غزه ۾ داخل ٿيون جيڪي ان علائقي ۾ اجازت ملڻ بعد کان انساني امداد جي اها سڀ کان وڏي کيپ آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق انساني معاملن بابت گڏيل قومن جي آفيس (او سي ايڇ اي) پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته پاڻي، خوراڪ ۽ طبي سامان کڻي ويل 33 ٽرڪون مصر جي سرحد تان رفح بارڊر ڪراسنگ تان گذريون آهن.