ڪالھه ھيو اڄ ڪونھي
ڀانئنجي ٿو ھو آھي
ڪمري ۾ ويٺو آ
اھو ڪيئن ڪو چوي
جيڪو ٿورو وقت اڳ
ڪمري مان آواز
پيو ڏئي، اڄ ڪونھي
چتا جي باھ سڀ ڪجھه ساڙيو ڇڏي
رھجي ٿيون وڃن
يادون ڳالھيون ۽ رک
اھا رک به رکي ڪونه ٿي وڃي
ڪئي ٿي وڃي پاڻيءَ حوالي
ھاڻي ڪمرو آھي
ان مان ايندڙ آواز
ڪنن ۾ سرٻاٽن ٿا
چتا جي باھ، الا رک ۽ ھڏيون
يادون، ڳالھيون، قصا، ڪھاڻيون
ڪجهھ ڏينھن ماڻھو ياد ڪندا ۽ پوءِ
پنھنجن ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندا
ھا جي ڪجهھ ياد رھندو ته اھي ھوندا ڪرتوت
ساريون وينديون ڪيل چڱايون
۽ لکيل ڪتاب
ڪتاب پراڻا ڪونه ٿا ٿين
ڪونه ٿا مرن
زنده ٿا رھن تابنده ٿا رھن
ھن به ڪتاب لکيا…