ڪورنگي ۾ مقتول نينگري سان زيادتي ۽ تشدد جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي اڍائي نمبر ۾ 13 ورهين جي نينگري جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي کان پوءِ جناح اسپتال ۾ لاش  جي ابتدائي طبي معائني ۾ دلچسپ انڪشاف ٿيا آهن. ابتدائي طبي معائني ۾ انڪشاف ٿيو ته ڇوڪري سان زيادتي ۽ تشدد ڪيو ويو، ڇوڪري جي جسم تي تشدد ۽ ساڙڻ جا نشان ظاهر ٿيا ۽ زيادتي جا ثبوت پڻ مليا. پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي وارثن معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر پوسٽ مارٽم بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ۽ گهرڀاتين جي بيان ۾ فرق آيو آهي، ڇوڪري جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو ۽ معاملي جي شفاف جاچ ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.