لاڙڪاڻي ۾ پوليس اهلڪار جي آپگهات واري واقعي جا ذميوار ٿاڻي جي شيٽ برانچ ۽ پينشن عملو قرار

لاڙڪاڻو/رتوديرو(رپورٽ:مرتضي ڪلهوڙو+ طفيل ساريو) لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار محمد يعقوب دايو رٽائرمينٽ نه ملڻ تان مايوس ٿي چار ڏينهن اڳ ڏينهن ڏٺي جو ڊيوٽي دوران ٿاڻي جي واش روم ۾ پاڻ کي بند ڪري پاڻ مٿان پئٽرول هاري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي جيڪو گذريل سومر رات دير سان ڪراچي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنهن جو مڙهه ايمبولينس جي ذريعي رتوديرو آندو ويو جتي نئين عيدگاهه ۾ فوتي اهلڪار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، مٽ مائٽن توڙي علائقن واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته جنازي نماز ۾ ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شيرازي سميت ڪنهن به پوليس آفيسر شرڪت نه ڪئي بعد ۾ پوليس اهلڪار محمد يعقوب دايو جو مڙهه سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. خودڪشي ڪندڙ پوليس اهلڪار جي پٽ عابد علي دايو ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته منهنجو والد شگر، بلڊپريشر ۽ دل جي مرض ۾ مبتلا هو  ايس ايس پي کي پنهنجي رٽائرمينٽ جا ڪاغذ ڏنا پر ڪاغذن تي صحيح ڪندڙ هيٺين عملي منهنجي والد کان رشوت گهري جيڪا رشوت به منهنجي والد ڏني هئي ان مسئلي کي 6 مهينا ٿي ويا ان دوران روزانو منهنجي والد کي آفيس جا پنڌ ڪرائي چڪر ڪاٽرايا ويندا هئا هن چيو ته منهنجي والد قرض کنيو ۽ منهنجي شادي به ڪرائي ۽ جڳهه به ٺهرائي جنهن ڪري منهنجي والد کي پگهار جي مد ۾ هر مهيني 30 هزار روپيه ملندا هئا ۽ ان مان اسان جي گهر جو خرچ هلندو هو پر ان جي باوجود نئين عملي رشوت گهري جنهن ڪري منهنجي والد تنگ ٿي پاڻ مٿان پئٽرول هاري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي اهڙي واقعي کان ايس ايس پي لاڙڪاڻو اسان کي ايمبولينس ڪري ڏني ۽ هڪ پوليس عملدار ڏنو بعد ۾ اسان ڪراچي اسپتال وڃي ڪري والد کي داخل ڪرايو جنهن کان پوءِ سرڪاري عملدار هليو ويو ۽ ان کان پوءِ ايس ايس پي سميت ٻيو ڪو به عملدار اسان جي سار نه لڌي جنهن ڪري منهنجو والد اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. هن چيو ته والد جي فوت ٿيڻ کان پوءِ اسان جي ڪنهن به پرگهور نه لڌي آهي ۽ نه ئي ڪنهن اسان جي مدد ڪئي آهي. هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ رٽائرمينٽ نه ملڻ تان پاڻ مٿان پئٽرول هاري خودڪشي ڪندڙ پوليس اهلڪار محمد يعقوب دايو واري معاملي بابت شروع ڪيل ڊپارٽمينٽل انڪوائري مڪمل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ايس ايس پي آفيس جي سيٽ برانچ ۽ پينشن برانچ عملي کي قصور وار قرار ڏيندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد سونهارو جسڪاڻي کي انڪوائري رپورٽ اماڻي وئي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شيرازي چيو آهي ته الهه آباد ٿاڻي تي مقرر پوليس اهلڪار محمد يعقوب دايو طرفان خودڪشي ڪرڻ وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، واقعي بعد ڊي ايس پي ڪمپلين سيل غلام مرتضيٰ عباسي جي نگراني ۽ ڊپارٽمينٽل انڪوائري ڪرائي وئي جنهن ۾ شيٽ ڪلارڪ برانچ ۽ پينشن برانچ کي قصوروار قرار ڏئي اهڙي رپورٽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي اماڻي وئي آهي.

پنهنجن پيسن تي ايمبولنس ڪرائي رتوديرو پهتا آهيون:وارث

رتوديرو: فوتي پوليس اهلڪار جي وارثن پٽ ساجد ۽ ڀاءُ پير بخش دايو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مرحوم مختلف بيمارين ۾ مبتلا هيو  جنهن سبب هن 6 مهينا اڳ پنهنجي رٽائر مينٽ لاءِ درخواست ڏني هئي آفيس عملي پاران سندس کان رشوت جي گھر ڪئي وئي هئي جيڪا به هن ڏني هئي پر پوءِ به کيس بار بار تنگ ڪيو ويندو هيو جنهن تان هن دل برداشته ٿي پاڻ ساڙڻ وارو انتهائي قدم کنيو ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل هجڻ باوجود به پوليس کاتي پاران هن جو ڪو خاطر خواه علاج نه ڪرايو ويو هنن چيو ته پوليس کاتي جي عملدارن پاران اسان کي ڪراچي وڃڻ لاءِ صرف ايمبولنس ڪرائي ڏني وئي ان کان بعد اسان سان ڪو به رابطو ڪونه ڪيو ويو ڪراچي جي اسپتال ۾ سندس جي مرهم پٽي به اسان پاڻ ڪندا هئاسين ڪراچي کان رتوديرو مڙهه آڻڻ لاءِ به اسان پنهنجن پيسن تي ايمبولنس ڪرائي رتوديرو پهتا آهيون پوليس کاتي سان لاڳاپيل ڪنهن به اعليٰ علمدار هن وقت تائين اسان سان ڪو رابطو ڪو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي وري مرحوم جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان جي مدد ڪئي وڃي                                 .

پوليس کاتي پاران واهر نه ڪرڻ ۽ صحيح علاج نه ٿيڻ ڪري اهلڪار تڙپي تڙپي دم ڏنو

رتوديرو: ياد رهي ته فوتي پوليس اهلڪار محمد يعقوب  دايو پنهنجي رٽائرمينٽ جي مسئلي تان الھ آباد ٿاڻي اندر پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيو هيو جنهن بعد سندس جي حالت خراب ٿي وڃڻ سبب هن کي علاج لاءِ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هيو جتي پوليس کاتي ۽ سرڪار طرفان سندس جي ڪابه واھر نه ڪرڻ ۽ سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري سندس جو صحيح نموني علاج نه ٿي سگھيو جنهن سبب هوڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

فوتي جي آخري رسمن ۾ به پوليس عملدارن پاران بي حسي جو مظاهرو

رتوديرو/لاڙڪاڻو: 4 ڏينهن اڳ رٽائرمينٽ نه  ملڻ واري مسئلي تان ٿاڻي اندر پاڻ ساڙيندڙ لاڙڪاڻو جي الھ آباد ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ رتوديرو شهر جي موٽڻ پور پاڙي جي رھواسي پوليس اهلڪار جي جنازي نماز شهر جي نئين عيد گاھ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او رتوديرو سميت پوليس اهلڪارن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جڏهن ته فوتي پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ۾ پوليس کاتي سان لاڳاپيل ڪنهن به اعليٰ عملدار شرڪت نه ڪئي مرحوم کي سوين آلين اکين سان شھر جي مبارڪ شاھ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.