حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي شاگرد تحريڪ (QAT) جي مرڪزي صدر دانش پرمار، ثقلين عباس، غلام مدثر سرڪي، صدام سنڌي، وھاب ڪنراڻي، طارق رند، سانول گوپانگ، ڪامران پالاري، سلمان چانڊيو ۽ ٻين پنهنجي پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته تازو ڪراچي يونيورسٽيءَ (قانون جي شعبي ۾) ڪي ايس پي پاليسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي جيڪو سنڌ دشمن فيصلو آهي، ٻئي پاسي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ڪميشن جي نوڪرين ۾ ڪروڙين روپيا وٺي 17هين گريڊ جو نوڪريون جاگيردار ۽ حڪمران طبقي کي وڪڻي سنڌ مان ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو، 80 کان 93 مارڪون کڻندڙ پوزيشن هولڊر ذهين شاگردن کي انٽرويو ۾ فئل ڪري انهن سان انتها جو ظلم ڪيو ويو، دائود يونيورسٽي ۾ ٻارنهن سنڌي شاگردن کي غير قانوني طور ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو چار مهينا گذرڻ باوجود پر امن مسڪين سنڌي شاگردن کي بحال نه پيو ڪيو وڃي، الٽو سنڌي شاگردن تي يونيورسٽي طرفان ڪوڙا بهتان مڙهي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ساڳي يونيورسٽي ۽ وي سي ڊاڪٽر ثمرين عاصم 88 سنڌي ملازمن کي بنا جواز نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو، 150 ٻهراڙي جي ڪوٽا به ختم ڪري ڇڏيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ، دائود يونيورسٽي، فيڊرل اردو يونيورسٽي، ايس ايم لا ڪاليج ۾ فيسن ۾ غير قانوني طور واڌ ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن کي ڪرپشن گاه بڻايو ويو آهي. سنڌ ۾ سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي تعليم جو رواج ئي ناهي، سنڌي شاگرد تحريڪ مطالبو ڪري ٿي ته (ايس پي ايس سي) ۾ ٻيهر انٽرويوز ورتا وڃن. سنڌ هائي ڪورٽ جي سربراهي جي آئي ٽي ٺاهي مڪمل شفاف جانچ ڪرائي ملوث ڪرپٽ آفيسرن وزيرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، دائود جي 12 شاگردن جي غير قانوني نيڪالي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڪي ايس پي پاليسي لاڳو ڪرڻ ، فيسن ۾ واڌ، هاسٽلن تي قبضا، ميرٽ جي لتاڙ، تعليم دشمن پاليسين، ڪميشن جي امتحانن ۾ ڪرپشن، نوڪرين جي وڪري، بيروزگاري خلاف 5 نومبر تي ڄاڻايل مسئلن جي حل لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.