نوابشاهه(ڊ ر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان نوابشاهه ۾ پارٽي ڪارڪنن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي آصف زرداري آڏو ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان ڪارڪنن تجويزون پيش ڪيون.اڳوڻي صدر ڪارڪنن جون تجويزون غور سان ٻڌيون ۽ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي سياست ڪندي آهي.هن وڌيڪ چيو ته عوام جو اسان تي اعتماد ئي اسان جي طاقت آهي. اڳوڻي صدر چيو ته پيپلز پارٽي ڀرپور تيارين سان عام چونڊن ۾ حصو وٺندي.