اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته نگران حڪومت جو آئيني ڪم روزمره جي معاملن کي ڏسڻ ۽ حاضر سروس آفيسرن کي مقرر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ آهي.سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر رضا رباني چيو ته اختر مينگل پارليامينٽ ٻاهران ڌرڻو هنيو آهي، کيس پريس ڪلب ۾ ويهڻو هو پر ويهڻ نه ڏنو ويو، ڌرڻو گم ٿيل ماڻهن ۽ ڊيٿ اسڪواڊ سان لاڳاپيل آهي.گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو جمهوري ملڪن ۾ موجود ناهي، رڳو اسرائيل آهي.رضا رباني جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ مڪمل ٿي وڃي ته ڳجهن ادارن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪري.پ پ سينيٽر اهو به چيو ته نگران حڪومت نيب ۽ نادرا ۾ حاضر سروس آفيسرن کي مقرر ڪيو، هاڻي پولي ڪلينڪس ۽ پمز ۾ حاضر سروس آفيسرن کي مقرر ڪرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن، اليڪشن ايڪٽ تحت نگران حڪومت اهڙي مقرري نٿي ڪري سگهي.