غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي عالمي اصولن مطابق آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(م ڊ)انساني حقن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر جي بيان تي پرڏيهي آفيس چيو آهي ته غيرقانوني پرڏيهين کي   ملڪ بدر ڪرڻ جو اسان جو فيصلو لاڳو عالمي اصولن موجب آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي فيصلي جو ڪنهن خاص قوميت يا ملڪ سان واسطو ناهي، اهو فيصلو آزاد ملڪ پاڪستان جي قانونن موجب آهي.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسان جو فيصلو عالمي قانونن جي مطابق آهي، پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي رجسٽريشن تي عمل نه ڪيو ويندو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان حڪومت ان خراب صورتحال مان متاثر ماڻهن جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ پرعزم آهي، 40 سالن کان لکين افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ميزباني ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي.

عالمي ۽ ڊالر صورتحال سبب پيٽرول سستو ٿيڻ جا امڪان گهٽجڻ لڳا

اسلام آباد (م ڊ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ في بيرل 5 ڊالر لاٿ کانپوءِ پاڪستان ۾ پهرين نومبر کان پيٽروليم  شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جون خبرون گردش هيٺ هيون پر هاڻ ان جو امڪان گهڻي حد تائين گهٽجي ويو آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ اگهن ۾ معمولي گهٽتائي يا وري برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. دستاويز موجب عالمي مارڪيٽ ۾ اگهن جي سراسري شرح 90.99 ڊالر في بيرل آهي، 16 آڪٽوبر کان ملڪي سطح تي رپئي جو قدر مستحڪم ٿيڻ بدران ڪمزور ٿيو. 16 آڪٽوبر تي ايڪسچينج ريٽ تحٽ رپئي جو قدر 276 رپيا 75 پئسا هو، 30 آڪٽوبر تي رپئي جو قدر 281 رپين کان وڌيڪ تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي. ايڪسچينج ريٽ ۽ عالمي مارڪيٽ سبب اگهن ۾ وڏو رليف نٿو ٺهي، اوگرا اگهن بابت تجويز 31 آڪٽوبر تي حڪومت کي موڪليندي. پيٽروليم شين جي اگهن بابت حتمي فيصلو نگران وزيراعظم ڪندو، ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت کانپوءِ اگهه مقرر ڪندي. ان کان اڳ ذريعن جو چوڻ هو ته پهرين نومبر کان پيٽرول 15 کان 20 رپيا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 10 کان 16 رپيا في ليٽر گهٽجڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.