سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران معلومات تائين پهچ قانون تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي جي ٻه رڪني بئنچ ۾ سنڌ۾ معلومات تائين رسائي واري قانون تي عمل نه  ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت قانون تي عمل نه ڪرڻ سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي سنڌجي سمورن کاتن کان تفصيل  طلب ڪري ورتا، ڪيس جي ٻڌڻي 15نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته آئين هرشهري کي آرٽيڪل 19اي جي تحت معلومات حاصل ڪرڻ جو حق ڏيندو آهي .ساڳي عدالت ۾ سنڌهاءِڪورٽ جي ملازمن جي حوالي سان معلومات نه ڏيڻ تي سنڌانفارميشن ڪميشن جي فيصلي خلاف شهري عدالت اچي ويو .درخواستگذار شهري عامربلوچ پنهنجي موقف ۾ چيو ته هراداري جو فرض آهي ته معلومات رسائي جي قانون تحت شهري کي انفارميشن ڏئي،جسٽس عقيل احمد عباسي چيو اوهان کي ڪهڙي معلومات گهرجي .درخواستگذار چيو ته مون  کي سنڌهاءِڪورٽ جي ملازمن جا تفصيل گهرجن،عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪجهه معلومات اهڙيون آهن جيڪي هرهڪ کي نٿيون ٻڌائي سگهجن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.