حيدرآباد (پ ر)غيرقانوني افغانين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ ۽ سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف عوامي تحريڪ پاران 5 نومبر تي ميرپورخاص ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. وفاقي سرڪار سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڪو به پلان ناھي جوڙيو ويو. حڪومتي دعوائون ڪوڙيون آھن. سنڌ ۾ افغانين سميت 40 لک کان وڌيڪ غيرقانوني غير ملڪي رھن ٿا. ڊيڊ لائن اڄ پوري ٿيندي. سنڌ مان ڪو به افغاني بي دخل ناھي ڪيو ويو. رشوت عيوض غير قانوني غير ملڪين کي رھايو ويو آھي. غير قانوني افغاني ملڪ لاءِ خطرو آھن. حڪومت ڌارين جي نيڪالي لاءِ عملي قدم کڻي. اھڙن خيالن جو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيارمرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو ۽ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته افغانين جي واپسي جا مخالف سنڌ جو وجود ميسارڻ جي سازش ۾ شريڪ آھن.