جي مذمتاسلام آباد(م ڊ) سينيٽ ۾ غزا تي بمباري خلاف مذمتي قراراد منظور ڪئي وئي، ميمبرن فلسطينين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ۽ اسرائيلي بربريت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گذريل 23 ڏينهن کان فلسطيني عوام جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اسرائيل شهري آبادين، اسپتالن، مسجدن تي بمباري ڪري رهيو آهي. اسرائيلي بربريت جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. غزا ۾ هن وقت دوائن، پيئڻ جي پاڻي ۽ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي گهٽتائي آهي، شهزاد وسيم چيو ته اسرائيل ظالم، سفاڪ ۽ دهشتگرد ملڪ هئڻ جو هڪ ڀيرو ٻيهر ثبوت ڏنو آهي، سينيٽر يوسف رضا گيلاني چيو ته دنيا کي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي تي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو. سينيٽر علي ظفر چيو ته اسرائيل فلسطينين کي دنيا جي نقشي تان ختم ڪرڻ چاهي ٿو سينيٽر نسيمه احسان چيو ته فلسطين ۾ ظلم ۽ بربريت جي شديد مذمت ڪريون ٿا. سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته فلسطينين تي اسرائيل جي بربريت مذمت جوڳي آهي.