غزا(م ڊ) حماس هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ غزه ۾ ٽن يرغمالين کي ڏيکاريو ويو آهي.وڊيو ۾ ڳالهائيندي عورت اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي پاليسين تي تنقيد ڪندي يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو،هنن اسرائيلي وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان عام شهري توهان جي سياسي ۽ فوجي پاليسين جي قيمت چڪائي رهيا آهيون، 23 ڏينهن کان حماس جي قيد ۾ آهيون، حڪومت بچائڻ لاءِ ڪي به هاڪاري قدم نه کنيا آهن، هنن چيو ته نيتن ياهو تنهنجيون غلط پاليسيون ۽ هٺ ڌرمي اسان جي جان وٺندي، اسان کي هن گهڙي ۾ ئي قيد مان آزاد ڪرڻ ۾ مدد ڪريو، اسرائيلي جيلن ۾ قيد سمورن فلسطينين کي آزاد ڪريو،ٻئي پاسي نيتن ياهو چيو ته حماس پاران نشر ڪيل وڊيو نفسياتي پروپيگنڊا آهي، منهنجي دل اوهان سان گڏ آهي، يرغمالين جي حفاظت سان واپسي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا