ڪراچي( رپورٽر ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري سميت مخلتف پارٽي اڳواڻن ساڻس بلاول هائوس تي ملاقات ڪئي، ڪالھ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ شازيا مري پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ڪيل ملاقات ۾ ملڪي صورتحال ۽ ٻين سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته پ پ اڳواڻ اويس شاهه بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن چيئرمين کي سکر جي سياسي صورتحال کان آگاهه ڪيو. پيپلز پارٽي ملير ضلعي جي سينيئر نائب صدر عديل اختر شيخ به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن ضلعي جي سياسي صورتحال تي چيئرمين کي بريفنگ ڏني.