ڪاپي مافيا زور آهي، محنتي شاگرد ڪيڏانهن وڃن: سهيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)ايڊووڪيٽ سهيل ميمڻ چيو آهي ته اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس محمد مبين لاکو جي ڊبل بينچ ۾  سنڌ حڪومت  پاران ميڊيڪل ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ واري حڪم خلاف  ڪجهه  شاگرد پنهجن وڪيلن معرفت پيش ٿيا . مون عدالت آڏو ، ڪاپي جا ثبوت .ملڪ ۾  جتي به اڳ ۾ ڪاپي ٿي آهي اتي ٽيسٽ ٻيهر ٿيڻ جي هسٽري . سنڌ ڪابينا جا ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ جا حڪم ، جي آءِ ٽي جون رپورٽون پيش ڪندي تفصيل سان ڪيس رکيو ته ڪاپي مافيا نه ٿي ڇڏي ميٽرڪ توڙي انٽر بورڊ، نه ٿي ڇڏي ميڊيڪل ، نه ٿي ڇڏي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ته پوءِ محنتي ٻار وڃن ڪاڏي ؟ مون اهو به چيو ته 30 ، 30 لک ۾ پيپر وڪيو ويو آهي .عدالت کي عرض ڪيم ته ان مافيا کي سخت سزائون ڏئي عبرت جو نمونو بڻايو وڃي .  هن چيو ته  ميڊيڪل ٽيسٽ جون شاگردياڻيون سجاول ، عمر ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر کان پهتيون .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.