چمن(م ڊ) افغانستان وڃڻ لاءِ پاسپورٽ جي شرط خلاف چمن ۾ احتجاجي ڌرڻو 10 ڏينهن کان جاري آهي، جنهن کي مقامي سطح تي سياسي پارٽين، واپارين ۽ ٻين تنظيمن جي حمايت حاصل آهي ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.مولانا عبدالمنان بي بي سي کي فون تي ٻڌايو ته شرڪت ڪندڙن جو مطالبو آهي ته چمن جي ماڻهن لاءِ افغانستان ۾ اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ پاسپورٽ جي شرط کي ختم ڪيو وڃي ۽ اڳ وانگر انهن کي پاڪستان جي ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ تي سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.ٻئي طرف بلوچستان جي سڌ سماءَ واري وزير جان محمد اچڪزئي چيو آهي ته هاڻي رياست فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت رڳو پاسپورٽ ذريعي ڏني ويندي. هن چيو ته پاڪستان ڪا رياست ناهي جنهن ۾ ٽيهه کان چاليهه هزار ماڻهو بغير پاسپورٽ جي سفر ڪري سگهن.