نگران حڪومت گئس اگهن ۾ وڏي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت عوام کي دوکي ۾ رکي وفاقي ڪابينا ۾ معاملو روڪي رات جي اونداهي ۾ گئس اگهه 4 سئو سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيا آهن. وفاقي ڪابينا پاران افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين جي  نيڪالي جي ڊيڊلائين ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گئس اگهن ۾ رات دير سان واڌ ڪرڻ جي پڌرائي جاري ڪندي پروٽيڪيٽيڊ واهپيدارن لاءِ فڪس چارجز 10 روپين مان وڌائي 400 روپيا ڪيا ويا. پروٽيڪيٽيڊ واهپيدارن لاءِ فڪس چارجز 10 روپين مان وڌائي 400 روپيا ڪيا ويا، نان پروٽيڪٽيڊ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي اگهن ۾ 172 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو، پيٽروليم ڊويزن پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته گئس جا نوان اگهه پهرين نومبر کان لاڳو ٿي ويندا. 25 ڪعبي ميٽر في ايم ايم بي ٽي يو جي قيمت 200 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو کان وڌائي 300 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪئي وئي آهي، 60 ڪيوبڪ ميٽر جي ماهوار استعمال لاءِ گئس جي قيمت 300 کان وڌائي 600 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪئي وئي آهي.  اعلان موجب 100 ڪيوبڪ ميٽر في ايم ايم بي ٽي يو جي گئس جي قيمت 400 کان وڌائي 1000 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 150 ڪيوبڪ استعمال ڪندڙ گئس جي قيمت 600 کان وڌائي 1200 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪئي وئي آهي. ميٽر في مهيني. ٿي ويو . 200 ڪيوبڪ ميٽر في مهينو استعمال ڪندڙ گئس جي قيمت 800 کان وڌائي 1600 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 300 ڪيوبڪ ميٽر ماهوار استعمال لاءِ گئس جي قيمت 1100 کان وڌائي 3000 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪئي وئي آهي. 400 ڪيوبڪ ميٽر في مهينو استعمال ڪندڙ گئس جي قيمت 2000 مان وڌائي 3500 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪئي وئي آهي ۽ 400 ڪيوبڪ ميٽرن کان وڌيڪ مهينو استعمال ڪندڙ گئس جي قيمت 3100 کان وڌائي 4000 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪئي وئي آهي.  وفاقي ڪابينا پاڪستان اسٽيل ملز کي نجڪاري پروگرام مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا پاڪستان اسٽيل ملز ڪارپوريشن جي نجڪاري کي نجڪاري پروگرام مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ڪابينا فلاءِ جناح کي عالمي روٽس تي آپريشنز جي منظوري ڏني، تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار جي پروٽوڪول تي صحيحن جي منظوري به ڏني وئي آهي. سندس چوڻ هو ته اها منظوري صنعتي شين ۽ خدمتن جي شعبي ۾ درآمدون ۽ برآمدون وڌائڻ لاءِ آهي. اسٽيل ملز جي نجڪاري پروگرام مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني وئي، صنعت ۽ پيداوار جي وزارت ڪابينا آڏو اڳتي جو لائحه عمل پيش ڪندي. وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، هڪ لک 79 هزار 210 پانڌيئڙا حج جي سعادت ماڻيندا .سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جي حڪومت سياسي ناهي ۽ نه ئي ڪا سياسي ايجنڊا آهي، سياسي پارٽيون هڪٻئي سان رابطا ڪنديون آهن، اُن لاءِ کين نگران حڪومت جي مدد جي ضرورت ناهي. هن چيو ته ڪو سياسي اڳواڻ حڪومت سان ملڻ گُهرَي ته اُن جي خواهش جو احترام ڪنداسين، غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي واپس اُماڻڻ لاءِ ڊيٽا تيار ڪئي پئي وڃي، سندن مرحليوار واپسي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وزيراعظم ورڪ پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  واپس ويندڙ قانوني طريقي سان ٻيهر پاڪستان اچي سگهن ٿا، ٻن مهينن دوران اٽڪل 2 لک پرڏيهي واپس هليا ويا آهن .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.