اسلام آباد (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) طرفان گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پارليامينٽ هائوس جي سامهون ڌرڻو هنيو آهي. بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل ۽ ٻين اڳواڻن به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين جبري گمشدگين خلاف احتجاج ڪندي گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي جو مطالبو پڻ ڪيو. ان موقعي تي بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل چيو ته اصل احتجاج پريس ڪلب جي سامهون هو پر حڪومت کي اهو سٺو نه لڳو هو اسان جي سائونڊ سسٽم کي پٽي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. سردار اختر مينگل چيو ته گم ٿيل ماڻهو رڳو بلوچستان جو مسئلو ناهي پر سڄي ملڪ جو مسئلو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته نگران وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ گهرو وزير سڀ بلوچستان جا آهن پر مسئلو حل نه ٿي رهيو آهي، اها بلوچستان جي بدقسمتي آهي ۽ انهن ماڻهن جي خوش قسمتي آهي جو انهن کي روزگار مليو آهي. ٻئي طرف نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڌرڻو هڻڻ سردار اختر مينگل جو سياسي حق آهي پر کيس ان جي اجازت وٺڻ گهرجي ها. هن چيو ته اختر مينگل سينيئر سياستدان آهي، کيس ريڊ زون جو خيال رکڻ گهرجي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هي اڄوڪي ڳالهه نه آهي. سوچيل سمجهيل سازش جي تحت ٿي رهيو آهي. هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن رپورٽ پيش ڪئي آهي. ان ڪميٽي جو مان به ميمبر هئس. ماڻهن کي گم نه ڪيو وڃي جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته انهن کي سامهون آندو وڃي. گم ٿي ويلن کي سالن تائين غائب رکڻ ۽ پوءِ انهن جا لاش ملڻ افسوسناڪ عمل آهي، انهي مسئلي جو حل رياست جي سوچ ۾ تبديلي آهي. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ان موقعي تي چيو ته جماعت اسلامي طرفان اختر مينگل سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آيو آهيان. پرامن آئيني ۽ قانوني جدوجهد ۾ جماعت اسلامي اوهان سان گڏ آهي. اسان سينيٽ ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جو معاملو اٿاريو. اسان جو مطالبو آهي ته جبري گم ٿيل ماڻهن کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. ان موقعي تي سينيٽر قاسم رونجھو، سينيٽر نسیمه احسان شاھ، بي اين پي سيڪريٽري جنرل واجہ جهانزيب بلوچ، اڳوڻو وفاقي وزير آغا حسن بلوچ، اڳوڻو ايم اين اي عبدالرئوف مينگل، اڳوڻو ايم پي اي سيد احسان شاھ، مير اڪبر مينگل، اختر حسين لانگو، حمل ڪلمتي، بابو رحيم مينگل. منوره سلطانه، شڪيلا نويد ڏهر، سنيل ڪمار، شمائله اسماعيل، جميلا بلوچ، چيئرمين وحيد بلوچ ، شفقت لانگو حاجي باسط لاهوري شفيع مينگل، بشير مينگل، راجا فياض ايڊووڪيٽ فيض الله بلوچ اسماعيل ڪرد لياقت ڪيازئي ابوبڪر لانگو اسد سفير بلوچ ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.