غزا جي القدس اسپتال ڀرسان اسرائيلي بمباري،6 لک 72 هزار فلسطينين لاءِ بدترين صورتحال

غزا(م ڊ) غزا جي القدس اسپتال جي پسگردائي ۾ اسرائيل جي بمباري جا اطلاع ملڻ بعد اتي موجود ڊاڪٽرن، مريضن ۽ سندن وارثن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو  آهي. برطانيا جي خابرو اداري مطابق جاري ويڊيو جيڪا اسپتال اندر رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسرائيل جي بمباري بعد اسپتال ۾ اٿندڙ دونهون ۽ دريون وغيره ٽٽل نظر اچي رهيون آهن. . واضح رهي ته اسرائيل غزه جي القدس اسپتال کي فوري خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي جڏهن ته القدس ۾ موجود ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل مريضن ۽ معصوم ٻارڙن سبب اسپتال خالي ڪرڻ ناممڪن آهي، هوڏانهن اسرائيلي فوج غزه جي پٽي تي 2 گهرن تي فضائي حملي ۾ 14 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو. هوڏانهن والاريل اولهندي پاسي شهر جنين ۾ اسرالي فوج جي فائرنگ سبب 4 فلسطيني شهيد ٿي پيا آهن اسرائيلي بلڊوزرن شهر جي خليل سلمان اسپتال جون ڀتيون به ڪيرائي ڇڏيون والاريل غزه جي پٽي ۾ اسرائيلي بمباري جي مهم دوران ڇڪتاڻ عروج تي آهي فلسطيني انگن اکرن موجب 7 آڪٽوبر اسرائيل ۽ 7 آڪٽوبر کان غزه تي بمباري ڪئي آهي جڏهن حماس سرحد پار کان حملو ڪيو ته وزارت دفاع موجب  غزه تي اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 8005 ٿي ويو آهي انهن مان 3342 ٻار 2062 عورتون ۽ 460 بزرگ شامل آهن ،ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سيڪريٽري  جنرل انتونيو گوتريش غزه جي پٽي جي مسلسل مايوس ڪندڙ صورتهال بابت خبردار ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر رتوڇاڻ جي ڊيڄاريندڙ خواب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. نيپال جي گادي واري هنڌ کٽمنڊو جي دوري دوران هن چيو ته غزا جي صورتحال هر وڌندڙ ڪلاڪ کان پوءِ مايوس ڪندڙ ٿيندي پئي وڃي. اسرائيل عالمي برادري جي حمايت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي جو اعلان ڪرڻ بجاءِ پنهنجون فوجي ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن هوڏانهن صحت واري عالمي اداري ۽ بين امدادي ادارن القدس اسپتال کي خالي ڪرائڻ واري اسرائيلي اعلان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. برطانيه جي خابرو اداري مطابق اتر غزه جي القدس اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ فلسطيني هلال احمر چيو آهي، ته اسرائيل جي فوج کين فوري طور تي اتان نڪري وڃڻ لاءِ چيو آهي. صحت واري عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريس جو چوڻ هو ته خبر انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. هوڏانهن  فلسطينين جي تنظيم حماس چيو آهي، ته غزه ۾ اسرائيلي فوج سان شديد ويڙهه جاري آهي. ٻئي پاسي اسرائيل پڻ پنهنجي زميني ڪارروائين کي وڌايو آهي. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته 24 لک شهرين مان اڌ کان وڌيڪ آبادي بي گهر ٿي چڪي آهي ۽ هزارين عمارتون تباهه ٿي ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.