اسرائيل يا غزا ڏانهن فوج موڪلڻ جو ڪو به ارادو ناهي: آمريڪا

نيويارڪ (م ڊ) آمريڪا چيو آهي، ته اسرائيل يا غزه ڏانهن پنهنجي فوج اماڻڻ جو ڪو به ارادو يا منصوبو ناهي. ملڪي نشرياتي اداري جي  پروگرام ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ آمريڪا جي نائب صدر ڪملا هيرس چيو ته سندس ملڪ اسرائيل کي مشاورت بعد سامان ۽ سفارتي مدد فراهم ڪندو آهي. هن چيو ته فلسطين جا شهري جنگ جي اصولن ۽ انساني امداد جي برابري وارن قدمن جا مستحق آهن. آمريڪا تڪرار کي وڌڻ کان روڪڻ چاهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.