اسلام آباد (م ڊ ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني ويندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته ڪابينا اقتصادي رابطاس ڪميٽي جي سفارشن جي به منظوري ڏيندي. ڪابينا جي اجلاس ۾ گيس جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ بابت به اي سي سي جي فيصلن جي توثيق ڪئي ويندي. غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. غيرقانوني معاشي سرگرمين خلاف جاري آپريشن جي نتيجن بابت به وفاقي ڪابينه کي آگاهه ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف اختيارين سان نومبر ۾ ڳالهين جي ايجنڊا بابت به بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو.