ڊگهي مدي لاءِ منع نامو عدالتي نظام جي نااهلي ظاهر ڪري ٿو: جسٽس بابر ستار

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار چيو آهي ته ڊگهي مدي لاءِ منع نامو عدالتي نظام جي نااهلي ظاهر ڪري ٿو.  سلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي جسٽس بابر ستار چيو ته منع نامي سبب ٽيڪس ۽ ٻيا مالياتي معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويندا آهن. هن چيو ته عدالتن سامهون کربين رپين جي ٽيڪس جون دعوائون ۽ ٻيا مالياتي ڪيس ڦاٿل آهن، ڪيسن جو مئنيجمينٽ سسٽم اهڙي ريت استعمال ٿيڻ گهرجي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي تيز رفتاري سان فيصلا ٿي سگهن.سندس چوڻ هو ته عدليا کي ٻين ادارن جي معاملن ۾ گهلڻ بدران خاص معاملن کي بهتر گورننس ذريعي انتظامي سطح تي حل ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.