جي يو آءِ ف پاران ملاقات جون تصويرون ۽ وڊيوز جاري ڪرڻ مناسب عمل نه آهي: اسد قيصر

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) پاران ملاقات جون تصويرون ۽  وڊيوز جاري ڪرڻ وارو عمل مناسب نه آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هو مولانا فضل الرحمان جي گهر ويو هو ۽ باجوڙ سانحي تي تعزيت ڪئي. اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان سياسي مخالف آهي، هو چونڊن ۾ ساڻس مقابلو ڪندا. هن چيو ته نواز شريف ڊيل ڪري آيو آهي، کيس وزير اعظم بڻائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.