نواز شريف جي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل سامهون اچي وئي آهي: اعتزاز احسن

لاهور (م ڊ ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ قانوندان اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف جي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل سامهون اچي وئي  آهي. اعتزاز احسن پارٽي اڳواڻ نويد چوڌري سان گهرواري جي عزرخواهي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف جي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل تي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، اهو ئي مان چوندو آهيان،  موقعو مليو هن سڀني کي زيرو ڪري ڇڏيو. اعتزاز احسن چيو ته نواز شريف پاڻ وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو، کيس ٿيڻ ڏيو، ملڪ ۾ ڪو به نظام ناهي، آئين چوي ٿو ته اقتدار تعلق الله سان آهي، جيڪو چونڊيل ماڻهن سان ٺهندو آهي، جڏهن ته چونڊيل ماڻهو ئي ناهن ته نظام ڪهڙو. هن چيو ته اڳ به منهنجا ڪيترائي ڀيرا پيپلز پارٽي سان اختلاف ٿي چڪا آهن، ڪڏهن هو مون سان متفق ٿين ٿا، ڪڏهن نه ٿا ڪن، ڪڏهن منهنجون ڳالهيون ٺيڪ آهن، ڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جون ڳالهيون ٺيڪ آهن، چونڊون 28 جنوري تي ٿينديون يا نه ڪجهه نه ٿو چئي سگهان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.