لاهور (عوامي آواز نيوز) آمريڪا افغانين کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ لاءِ لاءِ نگران سرڪار تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي، بظاهر ته وقت تي شفاف چونڊون ڪرائڻ جي آمريڪا ڳالهه ڪري رهيو آهي پر اصل ۾ آمريڪا افغانين کي نيڪالي ڏيڻ بدران شهريت ڏئي مستقل رهائش ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، نامياري صحافي رضوان رضي موجب جڏهن آمريڪا ڏٺو آهي ته پاڪستان کي قرض قسط ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ۾ڳالهيون ٿيڻ واريون آهن، تڏهن آمريڪا اکيون ڦيري ورتيون آهن. اصل ۾ جڏهن آمريڪا افغانستان ۾نڪري رهيو هو ته هن پنهنجن خاص افغانين جن جو انگ لک کان وڌيڪ هو ۽ انهن جي اڳواڻي تاجڪ شهري امرالله صالح ڪري رهيو هو انهن کي آمريڪا پشاور ۾ شاندار گهر ڪرائي تي ڏياري ترسايو هو. هاڻي آمريڪا نٿو چاهي ته انهن کي نيڪالي ڏني وڃي ان ڪري آمريڪا ڪوشش ڪئي ته انهن کي يورپ جي ملڪن ۾ ترسايو وڃي پر يورپ اڳ ئي يوڪرين روس جنگ سبب پناهه گيرن جي دٻاءُ ۾آهي ان ڪري يورپ جي ملڪن افغانين کي ترسائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري اهو ممڪن آهي ته آمريڪا جي چوڻ تي آءِ ايم ايف قرض جي قسط ڏيڻ لاءِ افغانين کي نيڪالي نه ڏيڻ جو شرط رکي سگهي ٿو. پر لڳي ٿو ته آمريڪا جو اهو هٿيار به شايد ڪم نه اچي سگهي.