لنڊن (پ ر) ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو 35هون عالمي ڪانفرنس ڪالهه لنڊن ۾ منعقد ٿي، عالمي ڪانفرنس ۾ ورلڊ سنڌي ڪانفرنس جي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اڳواڻن ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي صدر پڻ شرڪت ڪئي. اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر روبينه شيخ، ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ، حاجن ڪلهوڙو سميت شهزادو وڌيو، فهميده خشڪ، فراز احمد کوکر، امداد اوڍو، ويد لوهاڻو، قمبر بلوچ، ڊاڪٽر لکو لوهاڻو، ، پروفيسر رفيق اي چانڊيو، ڊاڪٽر نسيم بلوچ، پروفيسر اشتياق احمد، مس وينگس، حارث خالق، ، نارائڻ بابلاڻي، پوجا وزيراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي عالمي ڪانفرنس ۾ مک ٺهراءُ پيش ڪيا ويا، جنهن ۾ چيو ويو ته بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽي جهڙا منصوبا سنڌ جي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ کليل نموني سنڌ جا ذريعا کسڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهھ به ناهن ۽ ترقيءَ جي نالي ۾ 40 کان وڌيڪ قديم ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اسڪول، قبرستان ۽ تاريخي ماڳ ميسارجي ويا آهن. ان ڪڌي عمل ۾ پيپلزپارٽي آڏو آڏو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ سميت ٻيا رياستي ادارا به ان جا ذميوار آهن. ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي گهر آهي ته اهي منصوبا فوري طور بند ڪري زمين اصل مالڪن کي واپس ڪئي وڃي. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي سببن جي پڻ عالمي ساک وارن ادارن کان جاچ ڪرائي وڃي، ڇاڪاڻ جو ان ٻوڏ جو سبب رڳو ماحولياتي تبديلي ڪونهي. اها گهر پڻ ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته اتي موجود افغانين، برمين، بهارين ۽ بنگالين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي سندن ملڪن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. چائنا-پاڪستان اڪنامڪ ڪاريڊور (سي پيڪ) پراجيڪٽ کي فوري طور بند ڪرڻ جو پڻ ڪانفرنس جي ٺهراءُ ذريعي مطالبو ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو ان پراجيڪٽ ۾ رڳو چين جو پنهنجو مالي مفاد آهي، نه ڪي عام ماڻهو جو ڪو فائدو. ورلڊ سنڌي ڪانگريس تازو سنڌ اندر وڌيڪ صوبا جوڙڻ واري ڳالهه جي مذمت ڪئي، ورلڊ سنڌي ڪانگريس عدالت کان مٿانهن قتلن ۽ جبري گمشدگين تي پڻ پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي اسٽيبلشمينٽ جو سنڌي قومپرستن ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن کي هدف بڻائڻ وارو ڪڌو ڪم سمجهندي گهر ڪئي آهي ته اهو عمل فوري طور تي بند ڪيو وڃي ۽ جبري گمشدگين بابت اڻ ڌري عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، ان سان گڏ جبري طور گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي ظاهر ڪري عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي. جبري طور مذهبي تبديلي جي پڻ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران مذمت ڪندي گهر ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي اصلوڪن رهواسين سان مذهب جي بنياد تي ظلم فوري طور بند ڪيو وڃي. خاص طور تي هندو عورتن ۽ ڇوڪرين کي نشانو بڻائي جبري طور تي انهن جون شاديون ڪرائڻ هڪ غير انساني عمل آهي، جيڪا ناانصافي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. رياستي سهڪار سان سنڌ اندر مذهبي انتهاپسندي جي واڌ جي پڻ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو سڀ ڪجهھ امن ۽ سنڌين خلاف هڪ سازش تحت ٿي رهيو آهي. ڪانفرنس ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس سنڌ اندر خراب حڪمراني تي پڻ پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته، خراب حڪمرانيءَ ۽ سرڪاري سطح تي ٿيندڙ ڪرپشن سبب ئي اتان جي تعليم، صحت، آبپاشي، ترقياتي اسڪيمن ۽ امن امان سميت سمورن شعبن جي ڪارڪردگي ماڻهن کي سخت مايوس ڪيو آهي.