غزا تي بدترين اسرائيلي بمباري، مواصلاتي بليڪ آئوٽ،شهيدن جو انگ 7700 ٿي ويو

تل ابيب /غزا (م ڊ) اسرائيل جي غزه تي بمباري سبب انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس معطل ٿي وئي آهي،شهيدن جو انگ 7700 ٿي ويو آهي،  سعودي خابرو اداري مطابق گذريل ڏينهن غزه شهر تي ڪيترائي هوائي حملا ڪيا جنهن کان پوءِ انٽرنيٽ، موبائيل فون سروس معطل ٿي وئي آهي جڏهن ته عالمي امدادي تنظيم ريڊ ڪريسنٽ جا پڻ پنهنجي آپريشن روم ۽ طبي ٽيمن سان رابطا ڪٽجي ويا آهن.  ريڊ ڪريسنٽ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته فون سروس معطل ٿيڻ کان پوءِ متاثر ماڻهن جو ايمبولينس سروس سان پڻ رابطو ڪٽجي ويو آهي اسرائيلي فوج جي ترجمان ريئر ايڊمرل ڊينيئل هگاري چيو هو ته زميني فوج غزه ۾ پنهنجون ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪري رهي آهي هوڏانهن اسرائيل غزه تي پنهنجو بدترين حملو گذريل رات ڪيو ۽ غزا جي مسجدن جي لائوڊ اسپيڪرن مان گونجندڙ آواز حساس دل رکندڙ ماڻهن کي روئاري ڇڏيو، مسجد جي اسپيڪر تان اعلان ڪيو ويو ته ”اي الله، اي الله، هتي ڪو به نه بچيو، فقط تون آهين.اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن جو چوڻ آهي ته صيهوني رياست فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي جيئن دنيا نازين ۽ داعش کي ختم ڪيو.گذريل ڏينهن گڏيل قومن عرب ملڪن طرفان پيش ڪيل غزه ۾ جنگبندي واري ٺهراءُ جي اڪثريت سان منظوري ڏني هئي. عرب ملڪن جي قرارداد جي فرانس سميت 120 ملڪن حمايت ڪئي، جڏهن ته آمريڪا، اسرائيل ۽ آسٽريا سميت 14 ملڪن قرارداد جي مخالفت ڪئي.گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪمشنر وولڪر ترڪ غزه تي اسرائيل جي زميني حملن جي حوالي سان خبردار ڪيو آهي ته اتي وڌيڪ هزارين ماڻهن جي موت جو خدشو آهي.برطانوي راڄڌاني لنڊن ۾ هزارين ماڻهن فلسطينين جي حق ۾ ريلي ڪڍي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ادهانوم گبريوس چيو آهي ته غزا جي  عام شهرين، مريض ۽ صحت جي ڪارڪنن اونداهين ۽ خوف ۾ رات گذاري،ٻئي پاسي آمريڪا،برطانيا،نيوزيلينڊ، فرانس سميت مختلف ملڪن ۾ هزارين ماڻهو اسرائيلي حملن خلاف روڊن تي نڪري آيا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.