روهڙي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ فائرنگ دوران واٽهڙو نوجوان مارجي ويو

ڪنڌرا (ن ع آ) روهڙي جي علائقي دبر ٿاڻي جي حد غلام ڳوٺ ۾ زميني تڪرار تي کوسا ۽ جاگيراڻي برادري جي ھٿيار بندن جي فائرنگ  ۾ نوجوان گل حسن چوھاڻ مارجي ويو، وارثن پاران نوجوان جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته جاگيراڻي ۽ کوسا برادري وچ ۾ ھلندڙ فائرنگ واٽهڙو نوجوان گل حسن مارجي ويو، ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود زميندار ڌرين مٿان قتل جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، ڊي ايس پي روهڙي ۽ ايس ايڇ او دبر ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهري سان ڳالهيون ايف آءِ اي داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، پوليس آفيسرن جي خاطري بعد بعد ۾ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.