چنئي ( م ڊ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 26هين ۽ اهم ترين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ پنجين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. ڏکڻ آفريڪا پاڪستان طرفان ڏنل 271 رنسن جو هدف 47.2 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ايڊن مارڪرم 91 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ڏکڻ آفريڪا هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستان لاءِ سيمي فائنل ۾ پهچڻ تمام ڏکيو ٿي ويو، گرين شرٽس هن وقت تائين 6 ميچون کيڏيون آهن ۽ 4 ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو آهي. پاڪستان جون 3 ميچون اڃان باقي آهن، چنئي جي چدمبرم اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جي پوري ٽيم 46.4 اوورن ۾ 270 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، بابر اعظم 50 ۽ سعود شڪيل 52 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي پر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني اوپننگ ٽيم کي سٺي شروعات نه ڏئي سگهيا. عبدالله شفيق صرف 9 رنسون ٺاهي مارڪو جانسن جي بال تي آئوٽ ٿي پويلين موٽي ويو، ان کانپوءِ امام الحق به 18 بالن تي 12 رنسون ٺاهي جينسن جو شڪار بڻجي ويو. پاڪستان جو ٽيون آئوٽ محمد رضوان هو جيڪو 31 رنسون ٺاهي ڪوئٽزي جي بال تي وڪيٽ جي پويان ڪيچ ٿيو جڏهن ته افتخار احمد 21 رنسون ٺاهي تبريز شمسي کي ڇڪو هڻڻ جي ڪوشش ۾ بائونڊري تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. ڪپتان بابر اعظم اڌ سينچري اسڪور ڪئي پر هو به 50 رنسون ٺاهي تبريز شمسي جي بال تي وڪيٽ جي پويان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. سعود شڪيل شاندار نصف سينچري اسڪور ڪئي پر هو به 52 بالن تي 7 چوڪن جي مدد سان 52 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، ان کان علاوا محمد نواز 24، شاهين آفريدي 2 ۽ محمد وسيم 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان جي پوري ٽيم 46.4 اوورن ۾ 270 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڏکڻ آفريڪا طرفان تبريز شمسي شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون، مارڪو جانسن 3 ۽ ڪوئٽزي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.