ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ڀرسان حب چوڪي ڀرسان نظر چورنگي شاڪر ھوٽل جي لڳ روڊ حادثي ۾ 16 جو حيات ولد عظيم فوت ٿي ويو ۽ 14 سالن جو زاڪر پٽ ابراھيم زخمي ٿي پيا. جن کي ايڌي ايمبولينس جي ذريعي بلديا ٽائون جي مرشد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، سينيٽ پاران اتفاق راءِ وارو ٺهراءُ منظور
اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ هڪ اتفاق راءِ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي مذمت ڪندي ان عزم کي ورجايو ويو آهي ته ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامل علي آغا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي غاصباڻي قبضي جي مناسبت سان ڪاري ڏينهن جي موقعي تي قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بي رحماڻي ڀارتي دهشتگردي، ڀارتي فورسز جي هٿان ۽ بيگناهه ڪشميرين جي قتل عام ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي شديد مذمت ڪري ٿو. قرارداد ۾ اهو پڻ چيو ويو ته هي ايوان انساني حقن واري ڪميشن کان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي جائزي لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙيو وڃي. والاريل وادي ۾ ڀارت طرفان جعلي چونڊن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ڪشميرين کي سندن امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان راءِ جو حق ڏنو وڃي.
آمريڪا، حماس ۽ ايراني پاسدارن انقلاب گارڊز تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون
واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪا حماس ۽ ايران جي انقلابي گارڊز جي ميمبرن تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. آمريڪي خزاني واري کاتي هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته پابندين جو ٻيو مرحلو حماس جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ لاڳو ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پابندين جي نئين دور ۾ حماس جي اثاثن ۽ سهولتڪارن کي نشانو بڻايو ويو.آمريڪي خزاني واري کاتي موجب، نيون پابنديون حماس جي فنڊنگ نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ ۽ حماس جي عالمي مالياتي نظام مان فائدو حاصل ڪرڻ جي صلاحيت کي روڪڻ جي آمريڪا جي عزم کي واضح ڪن ٿيون.
حماس جو وفد روسي اختيارين سان ڳالهه ٻولهه لاءِ ماسڪو پهچي ويو
ماسڪو (م ڊ) غزه جي پٽي ۾ اسرائيل ۽ فلسطيني گروپن وچ ۾ جنگ جي 20 هين ڏينهن حماس جو هڪ وفد روس جي گادي واري شهر ماسڪو پهچي ويو. روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته حماس جو هڪ اعليٰ سطح جو وفد جنهن جي قيادت تحريڪ جي سياسي بيورو جو رڪن ابومرزوق ڪري رهيو آهي، ماسڪو جو دورو ڪري رهيو آهي. هن هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته حماس جا نمائندا ماسڪو جو دورو ڪري رهيا آهن. جيستائين ڳالهه ٻولهه جو تعلق آهي اسان توهانکي ان بابت بعد ۾ وڌيڪ آگاهه ڪنداسين.
پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ اسٽيل ملز 5623 ملازمن کي نيڪالي ڏني وئي
ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ اسٽيل ملز جي 5623 ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏني وئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت تحريري تفصيل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. دستاويزن موجب پي ٽي آءِ حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي 5282 ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيل ملز جي ملازمن کي 3 مختلف مرحلن ۾ ڪڍيو ڪيو ويو، پي ايس ايم ملازمن کي نومبر 2020 کان جولاءِ 2021 تائين آرڊر جي روشني ۾ برطرف ڪيو ويو. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته اسڪيم تحت پاڪستان اسٽيل ملز جي 341 ملازمن کي فارغ ڪيو ويو، ملازمن کي اسڪيم تحت 2 مختلف مرحلن ۾ فارغ ڪيو ويو. دستاويز موجب اسڪيم تحت ملازمن کي جنوري کان مارچ 2022 تائين آرڊر تحت ڌار ڪيو ويو.