ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ فوڊ اٿارٽي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ محفوظ ۽ صحتمند سامونڊي کاڌي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر حفيظ سيال، آغا فخر حسين ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ ايم ڊي ڪراچي فشريز اينڊ هاربر زاهد کيمٽيو شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد پاڪستاني عوام کي محفوظ ۽ صحتمند سامونڊي کاڌي جي فراهمي ۽ برآمدات ۾ تعاون بابت مسئلن کي حل ڪرڻ هو. اجلاس ۾ ڪوالٽي ايشورنس، ريگيوليٽري فريم ورڪ، برآمدي صلاحيت، تعاون، تربيت، عوامي آگاهي ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي قيام تي ڌيان ڏنو ويو. انهن قدمن جو مقصد گهريلو استعمال ۽ برآمد لاءِ مڇي جي شين جي حفاظت ۽ معيار کي بهتر بڻائڻ آهي.