ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ گلستان جوهر پرفيوم چوڪ وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ 8 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي، گلستان جوهر پرفيوم چوڪ وٽ حادثو پيش آيو، فوتي نينگري ۽ زخمين کي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال پهچايو ويو، پوليس موجب مارجي ويل نينگري جي سڃاڻپ 8 ورهين جي عائشه ڌيءَ سجاد طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ 45 ورهين جي نينگري عائشه، سجاد جي زال سجاد ۽ رڪشا ڊرائيور 45 ورهين جو غلام شامل آهن، عباس پٽ منظور احمد، فوت ٿيل نينگري ۽ سندس امڙ 15 ورهين جي ملير ڪورٽ سامهون آبادي جا رهواسي آهن، نينگري جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته ڀيڻ جي حالت خراب هئي، ماءُ کيس گلستان جوهر جي ڊاڪٽر وٽ وٺي وئي هئي، واپسي تي رڪشا ۾ کاڌو وٺي کائي رهيا هئا ته عورت ڪار سوار ڪار رڪشا سان ٽڪرائي ڇڏي ته واقعو پيش آيو، جڏهن ته ايس ايڇ او شاهراهه فيصل راجا طارق محمود ٻڌايو ته حادثي جي ذميوار عورت سان گڏ هڪ ٻارڙو به هو، فوتي نينگري جي وارثن جي موجودگي ۾ ۽ سندن رضامندي سان عورت کي قانون موجب ذاتي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو ۽ لازمي قرار ڏنو ويو ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري معاملو حل ڪن.